9 مئي جي سانحي تي راولپنڊي جي تعليمي ادارن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي تعليمي ادارن ۾ 9 مئي جي سانحي تي ڪارو ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا سمورا تعليمي ادارن لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي ۽ شاگردن لاءِ تقريبون ڪوٺايون وينديون.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تقريبن ۾ سانحي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، پروگرام جي نگراني لاءِ انتظاميا اسڪولن جو به دورو ڪندي.
نوٽيفڪيشن موجب تقريبن دوران ڪنهن کي به اسيمبلي هال کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پروگرام جي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکڻ جي ذميواري پرنسپل جي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.