ڪوئيٽا ۾ بي اين پي اڳواڻ جو ڀاءُ قتل، لاش رکي ڌرڻو

ڪوئيٽا/حب(م ڊ+يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي پاران ڪوئيٽا ۾ سرياب روڊ تي پارٽي جي مرڪزي ليبر سيڪريٽري موسيٰ بلوچ ۽ مرڪزي ڪائونسل جي ميمبر فيض الله بلوچ جي ڀاءُ سعيد احمد بلوچ جي قتل خلاف لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، نصير احمد شاهواڻي، غلام نبي مري، ايم پي اي اختر حسين لانگو، احمد نواز بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت ٻيهر بدامني جا واقعا ٿي رهيا آهن، بي اين پي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ان طرح جي واقعن سان اسان جا حوصلا پست نه ٿيندا، بعد ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ اختيارين سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو، هوڏانهن بي اين پي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل موسيٰ بلوچ جي ڀاءُ جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ بي اين پي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته سعيد بلوچ جي قتل جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هوڏانهن حب ۾ بي اين پي ڪارڪنن واقعي خلاف احتجاج ڪيو ، پارٽي اڳواڻن حليم مينگل، ڪريم مينگل، عبيدالله لانگو، عبدالغني مينگل، ڪليم الله ڪاڪڙ، گل مينگل، محمد آصف شيخ، محمد اشرف مينگل، محمد نور مينگل، قربان ميرواني ۽ ياسين مينگل چيو ته سعيد احمد لهڙي جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.