حيدرآباد ۾ ڪُڪڙ جو گوشت في ڪلو 650 رپين ۾ وڪرو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مرغي جي گوشت جي قيمتن کي پر لڳي ويا، مرغي جو گوشت 620 کان 650 في ڪلو تائين وڪرو ٿيڻ لڳو، ضلعي انتظاميا منافعي خورن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا، مارڪيٽ ۾ مرغي جي گوشت جي قيمتن ۾ واڌ جي وڌندڙ سلسلي کانپوءِ نيٺ ضلعي انتظاميا جاڳي پئي، ضلعي جي سمورن آفيسرن کي منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو شهر ۾ فارمي مرغي جي گوشت جي اگهن ۾ مصنوعي واڌ جو نوٽيس وٺندي سمورن تعلقن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو فارمي مرغي جي گوشت جي مقرر ڪيل اگهن جو جائزو وٺن ۽ منافع خورن خلاف ڪارروائي ڪن. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل آفيسرن جي ڪاررواين سبب مرغي جو گوشت 550 رپيا في ڪلو مقرر اگهه تي وڪرو ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويو. لطيف آباد تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد اقبال اعواڻ ۽ مختيار ڪار مجيد سپيو تعلقي جي مختلف بازارن جو دورو ڪيو ۽ فارمي مرغي جو گوشت وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته مقرر ڪيل اگهه کان وڌيڪ اگهه وٺڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اسسٽنٽ ڪمشنر گدا حسين سومرو تعلقي قاسم آباد ۾ مختيار ڪار الطاف ڪوريجو سان گڏجي فارمي مرغي جو گوشت مقرر اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.