وڊيوز ناهن پر عمران خان جو حڪومتي رڪارڊ گھڻو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ن ليگ وٽ نه ڪي وڊيوز آهن نه اهڙو ڪو ارادو رکون ٿا پر اسان وٽ عمران جي حڪومتي ڪارڪردگي جو رڪارڊ گھڻو آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اسان اهڙي سياست کي ڪريل ۽ ٿرڊ ڊگري جي سياست سمجهون ٿا، عمران خان جي نالائقي ۽ ڪرپشن ڪي ٽو جا جبل آهن، ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت ناهي، عمران خان يا ڪنهن وزير قومي خزاني کي نقصان پهچايو هجي ۽ ثبوت هجي ته هي جيل ويندا.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف مسجد نبوي صه ۾ جيڪو ڪيو، ان تي شرم وچان ڪنڌ جهڪي ويو، ان واقعي جي ڪري سعودي ۾ پاڪستانين لاءِ سختيون شروع ٿي ويون آهن.

عمران خان پاران پرڏيهي سازش جي الزام جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ليٽر گيٽ بابت انڪوائري شفافيت سان قوم اڳيان پيش ڪئي ويندي، حڪومت انڪوائري ڪميشن جوڙي سگھي ٿي، جڊيشل ڪميشن حڪومت جو اختيار ناهي.

هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ چاهي ٿو ته عدالت سان رابطو ڪري سگھي ٿو، چيف جسٽس کي پهريون ئي خط وڃي چڪو آهي، جيڪڏهن هو سمجهن ٿا ته ڪميشن قائم ڪري سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.