خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبر وقار خان لاڏاڻو ڪري ويو

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جو صوبائي اسيمبلي ميمبر وقار خان لاڏاڻو ڪري ويو.

اي اين پي سوات موجب وقار خان اڄ دل بيهڻ ڪري فوت ٿي ويو.

خانداني ذريعن وقار خان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته مرحوم کي اڄ رات جنازي نماز کانپوءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

ياد رهي ته وقار خان 2018 جي عام چونڊن ۾ پي ڪي 7 سوات مان عوامي نيشنل پارٽي جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊيو هو.

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان وقار خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.