صالح پٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ٽائر ساڙي احتجاج

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) صالح پٽ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سبب هارين ۽ آبادگارن جو صبر جواب ڏئي ويو جنهن کانپوءِ مخلتف  علائقن جي آبادگارن صالح پٽ مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ ڌرڻو هڻي ڇڏيو جنهن سبب ٽرئفڪ جي آمدرفت مڪمل طور تي بند ٿي وئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ آبادگارن لاءِ زرعي ڀاڻ  جي هٿرادو کوٽ آڻي ڀاڻ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليو پيو وڃي ۽ سازش تحت سنڌ ۾ زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي،هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڀاڻ نه ڏنو ويو ته زراعت جي آفيسرن جي آفيسن جو گهيراءُ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.