ڪلوئي ۾ھٿرادو اٽي جو ريٽ وڌائڻ خلاف پورهيتن جو مظاهرو

ڪلوئي (ن ع آ)ڪلوئي ۾ ھٿرادو اٽي جو ريٽ وڌائڻ خلاف پورهيتن جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ،، ڪلوئي اسٽيٽ ڪميشنر۽ مختيارڪار آفيسن مان گم  ڪلوئي تعلقي جي شھر ۽ ننڍن وڏن اسٽافن سنتورو فارم ستون ميل ونگو پتڻ بلوچ آباد سڃي موري دودو جت سميت مختلف ھنڌن تي چڪين توڙي دڪاندارن ھٿرادو اٽي جو ريٽ مقرر ڪري اٺاويهه سؤ روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ خلاف پورهيتن نبي بخش خميسو ساوڻ حاجي الياس  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي  چڪي مالڪن ھٿرادو اٽي جو ريٽ وڌائي پورھيت طبقي کي مھانگائي جي چڪي يسي رھيا آھن .تعلقي ڪلوئي جو اسٽيٽ ڪميشنر ڪلوئي ۽ مختيارڪار آفيسن مان گم آهن چڪي مالڪن پاران تعلقي جي ننڍن وڏن اسٽافن تي چڪي مالڪن ھٿرادو اٽي جو ريٽ اٺاويهه سؤ روپيه کان ٽي ھزار تائين في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو ھن مھانگائي جي دور ۾ ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ نه ٿي ملي انھن ڊي سي ٿرپارڪر اسٽيٽ ڪميشنر ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي چڪي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري ريٽ لسٽون لڳائي سرڪاري ريٽ تي عمل ڪرايو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.