جلال چانڊيو، راڳ ۽ ورچوئل ميلو

تحرير : صاحب خان ڀنڊ

ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي گڏجي ڪري ڪنهن علائقي اندر رنگا رنگي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد وجهن ٿيون جنهن ذريعي ان مخصوص جاگرافي رکندڙ خطي جي قوم انهيءَ حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. سنڌ اندر موسيقي پڻ موهن جي دڙي جي دور کان وٺي هن خطي جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اُهڃاڻ رهي آهي. جئين عام طور تي ڪتابن ۾ سياسي، حڪومتي ۽ ادبي دور پڙهايا ۽ پڙاهيا ويندا آهن تئين ئي موسيقي جا به اهڙا دور ٿين ٿا جو ڪٿي ڪو سريلو ساز ۽ آوز ڪنن تي پوي ٿو ته فوري طور تي ان دور جي نمايان فنڪار ياد اچي وڃي ٿو. جيئن جوڳي، جگر يا آخري جلال جو ڪو ڪلام ٻُڌجي ٿو ته ازخود زبان مان اهو نڪري وڃي ٿو ته  “ هل ڙي … ڇا ته جلال چانڊئي جو به دور هو.” سنڌ اندر سنگيت ۾ به ڪي اهڙا ناليوارا فنڪار ٿي گُذريا آهن جن راڳ جي دنيا تي راڄ ڪيو.

اهڙي طرح 70 واري ڏهاڪي ۾ موسيقي جي دنيا ۾ باقاعدگي سان پير پائيندڙ جلال چانڊيو ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ سنڌ جي سنگيت جي دنيا جو بي تاج بادشاهه رهيو، سندس آواز سنڌ جي سرحدن کان ٽپي ڪري نه صرف بلوچستان جي ڊيرا مُراد جمالي (ٽيپل)، مڪران ۽ لس ٻيلي جي ماڻهن تائين پهتو پر ڪيتري عرصي تائين ڏکڻ پنجاب جي صادق آباد ۽ ملتان جا ماڻھو به سندس راڳ ۽ خاص طور تي سرائيڪي ڪلامن جي ٻُڌڻ شوقين ۽ عاشق رهيا.

جلال چانڊئي جو جنم 10 آگسٽ 1944ع ڌاري تعلقو مورو،  ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “هڙپال جي هٽ” ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو، 10 مارچ 2001ع ۾ جلال پڄاڻان هاڻي اهو ڳوٺ جلال چانڊئي جي نالي سان سڏجي ٿو جتي هُن جي ابدي آرام گاهه آهي.

جيڪڏهن سنڌي ادب جيان موسيقي جا دور به پڙهيا ، لکيا يا پڙهايا وڃن ها ته يقينن جلال چانڊئي واري دور کي “چپڙي ۽ يڪتاري” واري دور سان ياد ڪيو وڃي ها، پر بد قسمتي سان اسان وٽ مزاح ۽ موسيقي کي ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ ڪافي حد تائين پڙهيو ته وڃي ٿو پر ان بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي. راڳ رنگ جي دنيا ۾ جلال جي اچڻ کان اڳ ٻهراڙي جي ڳوٺن، هوٽلن توڙي زرعي زمينن کي کيڙيندڙ ٽريڪٽرن ۾سنڌي فنڪارن جي ڀيٽ ۾ اڪثر عطاالله نيازي ، مئڊم نورجهان، رفيع توڙي ڪٿي ڪٿي عنايت ڀٽي کي ٻڌو ويندوهو. پر جڏهن 1970ع ۾ هڪ ڪيسٽ ڪمپني پاران تيار ٿيل “هل نه مِٺو ايڏي لوڏ ڪري” جي ٽائيٽل سانگ سان جڏهن جلال چانڊئي سنڌ اندر موسيقي جي دنيا ۾ باقاعده  انٽري ڏني ته ان جي مقبوليت اڄ جي ڪنهن بالي ووڊ جي فلمي ائٽم سانگ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. اهڙي طرح جلال سنڌي موسيقي جو هڪ نئون دور رقم ڪري چپڙي ۽ يڪتاري تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائي سنڌي جديد ۽ نج راڳ کي نه صرف جهر جهنگ عام ڪيو پر سنڌ جي ميوزڪ انڊسٽري ۾ هڪ نئون معاشي روح ڦُوڪيو.

جلال چانڊئي جو خانداني پس منظر راڳ رنگ کان ڪوهين دور هو ۽ سندس والد ۽ ٻيا مٽ مائٽ مشهور مالوند هئا تنهنڪري جلال جي ٻاراڻي وهي ۾ ابي ڏاڏي وري ڪرت مال چارڻ ۾ گُذاري بعد ۾ سندس والد درزڪي ڪم سکڻ لاءِ مورو شهر موڪليو جتي جلال ڪجهه عرصو ماڻهن جا ابتا سُبتا ڪپڙا سبي وري واپس ٻيهر چوپائي مال جو ڌنار ٿيو. جلال کي راڳ رنگ جو شوق درزڪي ڪم جي سکڻ دوران ريڊيو ۽ ٽيپ تي مختلف فنڪارن جي ٻُڌڻ سان ٿيو هو، جو جڏهن ٻيهر ڳوٺ مال چارڻ ويو ته اتي جهر جهنگ پنهنجي مست آواز ۾ ڳائيندو رهيو. پهريون دفعو پنهنجي علائقي جي پير جي ميلي تي جڏهن جلال محفل مچائي ته اصل جاڏي تاڏي وهوا ٿي وئي ۽ علائقي واسين سندس والد کي به جلال پاران ميلي تي محفل لُٽڻ جو قصو ٻڌايو ته پوءِ والد کيس ڳائڻ جي اجازت ڏني.

جڏهن ته ان کان اڳ والد سندس ڳائڻ جو سخت مخالف هو. جلال چانڊئي راڳ ۽ ساز جي ميلاپ کي باقاعدگي سان سمجهڻ ۽ سکڻ لاءِ گهوٽڪي واسي استاد علي گُل مهر کان ڌاڳو ٻڌائي شاگرد ٿيو پوءِ جلال چانڊيو سنڌ جي ڪيترن ميلن ۽ شادين جي محفلن کي پنهنجي مخصوص آواز ۽ انداز سان ڳائي ڪري محفلون لُٽيندو رهيو. ڪيترن ئي وڏن وڏن ميلن تي وڏن فنڪارن جي محفل ۾ مفت انٽري هوندي به ماڻهو پئسا ڀري جلال چانڊئي کي ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ ايندا هئا. جلال چانڊيو راڳ سکڻ بعد پهريون دفعو سمن سرڪار جي ميلي تي  “ اڄ سُڃاڻي ڇو نٿو ڪو ڏهاڙو ياد ڪر، دل سڙي وئي يار جاني دل سڙي جو داد ڪر” ڳايو ته جلال سڄي سنڌ  اندر مشهور ٿي ويو. هن ملڪ کان ٻاهر لنڊن، سعودي عرب ، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به محفلون مچائي  ڀرپور داد وصول ڪيو ۽  سنڌ جي مختلف درگاھن  تي سالياني ميلن تي سندس راڳ کي بيحد ساراھيو ويو. جلال چانڊيو کي لطيف ايوارڊ توڙي ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا.

چپڙي ۽ يڪتاري جو بي تاج بادشاهه جلال چانڊيو نه صرف راڳ پنهنجي مخصوص ۽ نئين انداز ۾ ڳائيندو هو پر سندس شخصيت به منفرد هئي، سندس جسماني بناوٽ ۾ وڏو قد بُت رکندڙ هو ۽ جڏهن نراڙ تي ٽوپي، ڳچي ۾ سونو لاڪيٽ، ٻانهن ۾ راڊو واچ پائيندو هو ته سندس شخصيت هڪ ملهه پهلوان جو ڏيک ڏيندي هئي ۽ پرستارن پاران کيس دلين جو ڌاڙيل طور پڻ سڏيو ويندو ھو.

سنڌي موسيقي جي ويجهي ماضي جي تاريخ ۾ جن ٻن فنڪارن پنهنجي جديد ۽ منفرد انداز جي ڪري جيڪا بي انتها مقبوليت ۽ شُهريت ماڻي انهن ۾ هڪ جلال چانڊيو ۽ ٻيو سرمد سنڌي هو، بعد ۾ فوزيه سومرو به “ٿر جي ڪوئل” ٿي اُڀري پر ان کي ٻُڌڻ وارو هڪ مخصوص علائقائي ڪلاس هو. ان دور جو ماڻهو اڄ به جڏهن بيمار ٿي اسپتال ڀيڙو ٿئي ٿو ته پنهنجي سمارٽ فون تي پنهنجن ويجهن دوست يارن کي جلال جو ڪلام“ مٺا ميڏي حياتي بچا ، مٺا مئين مرندا پيا” واٽس اپ ڪري پنهنجي بيماري ۽  امڪاني موت جو انديشو ڏيکارين ٿا يا  ڪي وري “ ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو، نٿا سار لهو ڪو مئو يابچو” طعني طور موڪلين ٿا ته جيئن ويجها عزيز جلد کين اسپتال اچي کين عيادت ۽ سار سنڀال لهن.

هڪ ڏينهن به اسڪول نه ويندڙ جلال چانڊيو راڳ جي دنيا ۾ مختلف ميلن، شادي تقريبن توڙي ڪئسيٽن ۾ 10 هزار گانا ياد ڪري يڪتاري ۽ چپڙي جي جديد ۽ انوکي انداز ۾ ڳايا، هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائيندڙ شاگرد پڻ پيدا ڪيا جن ۾ دلبر جلال، جوڳي جلال، جگر جلال، آخري جلال، گرم ۽ مست جلال ۽ ٻيا پڻ شامل آهن. جهڙي ٿئي مست جواني يا اڄوڪي رات رهي پئو جهڙا هاٽ ۽ فاسٽ ٽريڪ ڏيندڙ جلال چانڊئي کِلڻ تي ڪو به خوش ناهي، روئڻ تي آهي پابندي جهڙا ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل راڳ سان گڏ  شاهه لطيف جي شاعري پڻ ڳائي. جلال چانڊيو پنهنجي حياتي جي آخري حصي ۾ تمام گهڻو بيمار ٿي پيو ۽ اسپتالن اندر سرڪاري دوائن کان بيزار ۽ مايوس ٿي ڪري دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ گاجي شاهه جي مشهور درگاهه تي ڌاڳي ۽ ڦيڻي واري عام رواجي علاج تي ڀائنڻ لڳو پر سندس ئي ڪلام “ڪنهن ته نڀاڳي نظر ماري ، ٽُٽ ڳئي تيڏي ميڏي ياري”  جيان حياتي ساٿ ڪونه ڏنو ۽ 10 جنوري تي هن فاني دنيا مان موڪلائڻ سان گڏ سندس راڳ سان پڻ ياري ٽُٽي وئي. جلال چانڊئي جي آخري آرامگاهه مورو شهر جي ڦل ڳوٺ ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ  ۾ واقع آهي جيڪو ڳوٺ هاڻي سندس ئي نالي سان سڏجي ٿو.

جلال چانڊيو سنڌ جو واحد فنڪار هو جنهن جي موت تي سنڌ اندر مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ پڻ تڏا وڇايا ويا ۽ تعزيتون وصول ڪيون ويون. ھاڻي سندس پٽ دلبر چانڊيو سندس سلسلي کي برقرار رکندو اچي پيو. آخر ۾ ھڪ عام قصو ٻڌايو ويندو آھي تھ جلال چانڊئي جي  ھڪ رات جي محفل ۾ جنھن ۾ ڪيترائي ڌاڙيل پڻ ويٺل ھئا جتي ھڪ ھمراھھ سدا ھئين تھ کيس مينھن چوري ٿي وئي آھي ھُو (جلال چانڊيو) محفل ۾ ويٺلن کي عرض ڪري تھ کيس مينھن موٽائي ڏين پوءِ ان ھمراھھ کي پنھنجي مينھن تھ واپس ملي پر جلال کيس پنھنجي مينھن جي واڙي مان کيس ڀلوڙ مينھن پڻ سندس حوالي ڪئي. ڪيترائي سال پڄاڻان  جلال چانڊيو ھڪ راڳي توڙي ھڪ شخص اڄ بھ ڪيترن ئي دلين تي راڄ ڪري ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.