مري ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙيءَ فوت، سياحت بند، جاچ ڪميٽي قائم

اسلام آباد/لاهور(م ڊ) مري ۾ وڌيڪ ٻارڙيءَ  فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 23 ٿي ويو آهي. حڪومت مري ۽ گليات ۾ سياحن جي آمد تي وڌيڪ 24 ڪلاڪن لاءِ بندش وجهي ڇڏي آهي. پنجاب حڪومت واقعي بابت جاچ ڪميٽي جوڙيندي فوتين جي وارثن لاءِ 8، 8 لک رپين جو اعلان ڪيو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب مري جي علائقي جھيڪا گلي ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي سخت ٿڌ  سبب فوت ٿي وئي، ٻارڙي سخت سردي ۽ نمونيا ۾ مبتلا هئي. مري ۾ برفباري  رُڪجڻ بعد امدادي ڪمن ۾ تيزي آندي وئي آھي. پنجاب حڪومت مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 8-8 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري جي متاثر علائقي جو دورو ڪيو. هن قانون واري وزير راجا بشارت، پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب سان گڏ فضائي دورو ڪري مري جي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ قانون واري صوبائي وزير راجا بشارت، پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور، چيف سيڪريٽري پنجاب، سينيئر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو، ڪمشنر راولپنڊي ۽ آءِ جي پنجاب شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب حڪومت پاران مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن  جي مالي مدد ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِ 17 ڪروڙ 60 لک رپيا منظور ڪيا ويا، جنهن تحت سانحي ۾ فوت ٿي ويل 22 ماڻهن جي وارثن کي 8-8 لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته فوتين جي وارثن جي فوري مدد جي لاءِ  هڪ ڪروڙ 76 لک رپين جو  فوري اعلان ڪيو ويو. ذريعن موجب گذريل ڏينهن برساتن دوران به حياتيون وڃائيندڙن جي وارثن لاءِ گڏيل طور 3 ڪروڙ 35 لک رپين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سانحي جي سببن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي ٺاهي ويندي، ڪميٽي 7 ڏينهن ۾ غفلت ڪندڙ ماڻهن بابت جاچ ڪندي ۽ 7 ڏينهن اندر ئي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اجلاس ۾ مري جي انتظامي ڍانچي کي فوري طور اپڊيٽ ڪرڻ  ۽ مري کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، جڏهن ته مري ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي کي فوري مقرر ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ جو  سبب بڻجندڙ روڊن جي لاءِ ننڍا لنڪ روڊ به  جلد تعمير ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سياحن جي لاءِ اسلام آباد رستي مريءَ ۽ گليات وڃڻ جي لاءِ پابندي وڌيڪ 24 ڪلاڪ برقرار رهندي. مريءَ ۽ ڀرپاسي علائقن جي رهواسين کي رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري گذرڻ جي اجازت ڏني ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.