لاڙڪاڻي لڳ شهري يرغمال، هزارين رپيا ڦر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ نامعلوم ڦورن شهري احمد مصطفيٰ شيخ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئنس 60 لک روپيه روڪ رقم، ٻه موبائيل فونون، شناختي ڪارڊ، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن شهري احمد مصطفيٰ شيخ لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي آهي ته ڦر ڪيل 60 لک روپيه روڪ رقم، ٻه موبائيل فونون، شناختي ڪارڊ، اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.