ميڪسيڪو ۾ گورنر جي آفيس ٻاهران بيٺل گاڏي مان 10 لاش هٿ

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ ڪار مان 10 لاش ملڻ تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ميڪسيڪو جي رياست زاڪا ٽيڪاس ۾ هڪ ڪار مان 10 لاش هٿ ڪيا ويا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب اها ڪار گورنر جي آفيس ٻاهران بيٺل هئي جنهن کي اختيارين شڪي قرار ڏئي ان جي تلاشي ورتي ته ڪار مان 10 لاش هٿ آيا.

رياست جي گورنر سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي واقعي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته هيل تائين ان سلسلي ۾ ٻه ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

گورنر جو چوڻ هو ته اها ڪار هن جي آفيس جي بلڪل سامهون موجود هئي جنهن ۾ موجود لاشن تي تشدد ٿيل هو.

ميڊيا رپورٽن موجب اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.