پنو عاقل لڳ مبينا پوليس مقابلو، دوبدو فائرنگ، ڏوهاري مارجي ويو

پنوعاقل   ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پنوعاقل لڳ پوليس مقابلو 30 سالن جو نوجوان گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ  ڪئي آھي ته گذريل رات سانگي لڳ جانب واھ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ٽن ڄڻن کي سانگي پوليس ڏسي فائرنگ  ڪئي ته ايس ايڇ او سانگي ياسر کوسو ڏوھارين سان دوبدو مقابلو ڪري فائرنگ ڪئي ته 30 سالن جو نوجوان بلغ شير (عرف)بلغو جتوئي گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي مارجي ويو،جڏھن ته 2 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،پوليس موجب ته مارجي ويل بلغو جتوئي خون ڌاڙا ڦر چورين ۽ قتل سميت 13 ڪيسن ۾ گھربل ھو،پوليس ڏوھارين تي 2 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا،جڏھن ته مارجي جو لاش تعلقه اسپتال ۾ پيل رھيو،جنھن کي ڪيترائي ماڻھون ڏسڻ لاءِ اسپتال ايندا رھيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.