بوري والا لڳ حادثو، اهلڪار فوت، 2 ڄڻا زخمي

بوري والا (اي پي پي )چيچه وطني روڊ تي تيز رفتار ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار موقعي تي ئي اجل جو شڪار ٿي ويو جڏهن ته 2 ماڻهوشديد زخمي ٿي پيا . بوري والا کان چيچه وطني روڊ شيخ فاضل ويجهو تيز رفتار ٽرالر ڪار کي ٽڪر هڻي چيباٽي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار هڪ پوليس اهلڪار موقعي تي ئي اجل جو شڪار جڏهن ته 2 ماڻهو شديد زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيم 1122 جا اهلڪار موقعي تي پهچي ڪري لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ، ٽرالر  جو ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو .  حادثي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري وڌيڪ ڪاروائي ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.