ڪوهستان ۾ مزاحمت، اڳوڻي تعلقي ناظم سميت شڪارين جي معذرت

ٿاڻو بولاخان/ نوري آباد( ن ع آ) ڪوهستان جي علائقي ٿاڻو عارب خان ۾ بااثر ماڻهو غير قانوني شڪار ڪري رهيا هئا ته ڳوٺاڻا گهرن مان نڪري آيا ۽ وڊيو ريڪارڊنگ شروع ڪري ڏني. ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي چيو ته هتي اسان جا گهر ۽ ٻار ٻچا آهن، توهان شڪار ڪيئن ٿا ڪري سگهو.  شڪارين چيو ته اسان ملڪ اسد سڪندر جا سئوٽ آهيون، معذرت ٿا ڪيون. ڳوٺاڻن جي غيرقانوني شڪار خلاف دليراڻي مزاحمت ۽ شڪارين جي معذرت ڪري واپس وڃڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ اڳوڻو تعلقي ناظم ۽ ملڪ اسد سڪندر جو سئوٽ ملڪ قمر الدين به نظر اچي رهيو آهي، جنهن پڻ ڳوٺاڻن سان معذرت ڪندي معاملو رفع دفع ڪري ڇڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.