چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله ” مين آف دي ايئر“ قرار

اسلام آباد(م ڊ) سينٽر فار گورننس ريسرچ(سي جي آر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله کي گم ٿيل ماڻهن بابت جرئتمنداڻو موقف رکڻ تي سال 2021ع جو مين آف دي ايئر قرار ڏنو آهي، اداري جي ڊائريڪٽر طارق کوسي ان ڳالهه جو اعلان اداري جي ويب سائيٽ تي ڪيو، هن چيو ته سول سوسائٽي پاران هڪ آزاد آواز طور سينٽر فار گورننس ريسرچ جبري گمشدگين بابت قانونسازي فوري لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو، هن چيو ته قومي سلامتي بابت پارليامينٽ جي ڪميٽي کي انهن رياستي ادارن کي لغام ڏيڻ لاءِ شروعات ڪرڻ گهرجي، جيڪي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، هن چيو ته سي جي آر چاهيندو ته لاپتا ماڻهن جي معاملي تي پاڪستان ۾ گڊ گورننس جي پهرين ترجيح طور رکيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.