بلاول جون سنڌ واسين سميت سڄي قوم کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ واسين سميت سڄي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن.

بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت انساني تاريخ جي هڪ عظيم تهذيب جو عڪس ۽ تسلسل آهي، سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور بهادر، رواداري پسند، مهمان نواز ۽ وڏي دل جا مالڪ رهيا آهن.

هن چيو ته ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سان معاشري ۾ ڀائيچاري کي هٿي ملي ٿي، سهپ ۽ ايڪي جهڙا لاڙا پڻ سگهارا ٿيندا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان جي هر صوبي ۽ علائقي جي ثقافت جي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجي ثقافتي ورثي کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.