بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ  زيتون جا فائدا!

بلڊ پريشر يا هاءِ بلڊ پريشر اڄ ڪالهه هڪ عام مرض بڻجي چڪو آهي، بي پي جي مريضن کي پنهنجو بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ دائن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي پر ڪجهه غذائون به اهو ڪم ڪنديون آهن.

انهن مان هڪ زيتون به آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته زيتون بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ گھڻو فائديمند ۽ اثرائتو آهي.

زيتون ۾ وٽامن اي ۽ سي کان سواءِ ڪيلشيئم به آهي، جيڪي بيمارين جي خلاف قوت مدافعت پيدا ڪنديون آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته زيتون ۾ موجود جُز رت جي رواني کي گھٽائي وهڪري کي متوازن رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، جنهن سان هاءِ بلڊ پريشر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ان کان سواءِ زيتون ۾ مختلف قسمن جون وٽامنز موجود آهن جيڪي جسم کي صحتمند رکڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. زيتون دل جي بيمارين لاءِ به فائديمند آهي.

ماهرن موجب زيتون جلد جي حفاظت به ڪري ٿو جڏهن ته هاضمي کي به بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ وزن گھٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.