نوابشاهه ضلعي ۾ ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ جي هدايت

نوابشاھ (ڊ ر) ضلعي شھيد بينظير آباد جا سرڪاري کاتا ڳجھ ڳوھ ۾ ڪرپشن ۾ مصروف اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ٽن اھم کاتن مڪاني ادارا، پوليس ۽ آبپاشي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي شڪايتن بابت ڪميٽي جي چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر کي اجلاس ۾ آگاھي ڏني ڊي سي پاران صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي پاڙئون پٽڻ جون ھدايتون خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامر حسين پنھور ضلعي اندر مختلف سرڪاري کاتن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جا پيرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن انھي ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ضلع شھيد بينظير آباد جو ھڪ اھم اجلاس درٻار ھال نوابشاھ ۾ ڪميٽي جي چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنھور جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي سرڪل آفيسر محمد صديق لُنڊ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالستار راٺوڙ، آبپاشي کاتي ۽ پوليس کاتي جي ذميوارن شرڪت ڪئي اجلاس دوران سرڪل آفيسر محمد صديق لُنڊ مذڪورھ ٽنھي کاتن بابت ڪرپشن وارين خبرن جي تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي انھي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنھور لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪندي چيو تہ ڪنھن بہ صورت ۾ ڪرپشن برداشت نہ ڪئي ويندي ڇاڪاڻ تہ ڪرپشن سبب ماڻھن جا جائز ڪم رُلي وڃن ٿا جيسيتائين ڪرپشن کي پاڙئون نہ پٽيو ويندو سماج ۾ بھتري ۽ ترقي نہ ايندي انھي ڪري مذڪورھ شڪايتن بابت صاف شفاف انڪوائري ڪري وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.