پيٽروليم ڊيلرز جو ملڪي سطح تي ڪيل هڙتال جو اعلان

ملڪ ۾ گئس جو بحران هلندڙ آهي جنهن جو سمورن شهرين کي مشاهدو ٿي رهيو هوندو، اهو مسئلو اڃان حل ئي نه پيو ٿئي ته مٿان وري پيٽروليم ڊيلرز 25 نومبر تي ملڪي سطح تي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جنهن سان ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. هڪ ته ڏينهون ڏينهن مهانگائي جي وڌڻ سان عام ماڻهو جي ڏکائين ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ته وري مٿان پيٽرول جهڙي اهم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافي کان پوءِ وري ان جو پڻ بحران ٿي پيو ته پوءِ ماڻهو ڪهڙي نموني پنهنجي زندگيءَ کي هلائي سگهندو.

ال پاڪستان پيٽرول پمپس ديلرز ايسو سئيشن گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته 25 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي ويندي. ايسوسيئشن جي اڳواڻ نعمان علي بٽ موجب هنن پنهنجي مسئلي جي مڃرائڻ لاءِ 5 نومبر تي هڙتال جو اعلان ڪيو هو جنهن تي سرڪار هنن سان رابطو ڪري سندن مطالبن مڃڻ جي پڪ ڪرائي هئي، پر ان تي تاحال عمل نه ٿي سگهيو آهي. جنهنڪري سندن ايسوسيئشن 25 نومبر تي هڙتال جو فيصلو ڪيو آهي.

ايسوسيئشن اڳواڻ جو چوڻ هو ته هاڻي ڊيلرز مارجن 6 سيڪڙو تائين وڌائڻ کانسواءِ حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون. ايسوسيئشن موجب ڪشمير ۽ گلگت سميت سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي ويندي. جنهن ۾ سموري ملڪ جا پيٽرول پمپس بند رکي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو.

موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ مٿان ٻيو بحران جنم وٺي رهيو آهي پر ان ڏانهن سرڪار ڪنهن به قسم جو سنجيده رويو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار نظر نٿي اچي. ڪي ڏينهن اڳ اهو ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ گئس جو بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهنڪري گهريلو توڻي صنعتي صارفين کي ان بحران کي منهن ڏيڻو پوندو.  وزيرن مشيرن جي اهڙن اعلانن مان محسوس ايئن ٿو ٿئي ته ڄڻ انهن سرڪار جي نمائندن جو رڳو هڪڙو ئي ڪم آهي ته اهي جنم وٺندڙ بحران بابت اعلان ڪري ڇڏين، ان کانسواءِ اهي ڪنهن به ختم ٿي ويندو۽ ان جو گراف اچي پٽ سان لڳندو.

ڪنهن به حڪومت جي لاءِ اهو لازمي هوندو آهي ته اها عوام جي اصل ۽بنيادي مسئلن جي لاءِ قبولڻ جوڳا حل ڳولي ۽ عوام کي ممڪن حد تائين رليف ڏئي، ان سان ئي اها سرڪار عوامي سڏرائي سگهي ٿي ۽ پڻ پنهنجو اعتماد بحال ڪرائي سگهي ٿي.

بد قسمتي سان هن ملڪ ۾ ڪڏهن به سياسي استحڪام نه رهڻ جي ڪري هر ايندڙ حڪومت اڳوڻين حڪومتن تي تنقيد ڪندي رهي آهي پر جنهن کي به موقعو مليو آهي ان ڪا اهڙي رٿابندي نه ڪئي آهي جيڪا عوام جي وسيع مفاد ۾ قابل قبول هجي جنهنڪري حڪومت تبديل ٿيڻ سان سموريون پاليسيون ۽ سموريون رٿائون به رولڙي ۾ پئجي وڃن ٿيون جنهن جو نتيجو هر صورت ۾ عام ماڻهو کي ڀوڳڻو پوي ٿو.

سموري دنيا ۾ هن وقت ٻن اهم شعبن تي وڌيڪ ڪم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هڪ ماحوليات جو سيڪٽر آهي ۽ ٻيو وري نعم البدل توانائي جو شعبو آهي. پر ان جي ابتڙ سان وٽ سمورا سياستدان اهي اقتدار م هجن يا مخالف ڌر سان واڳيل هجن رڳو هڪ ٻئي خلاف سازشن ۾ پورا آهن، جنهن مان عوام کي ڪو به فائدو نٿو پهچي بلڪه ان سان عوام جو پئسو ۽ وقت زيان ڪيو وڃي ٿو.

موجوده حڪومت جي اقتدار م اچڻ سان عوام کي اهو آسرو هو ته اها سرڪار عام ماڻهون جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪي اهڙيون رٿون جوڙيندي جنهن سان عوام جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي. ماڻهن جون اهڙيون اميدون تحريڪ انصاف جي قيادت پاران پيش ڪيل پروگرام ۽ ان جو ويزن هو، پر بدقستي سان گذريل ٽن سالن جي حڪومت دوران موجوده سرڪار سڀني کان وڌيڪ عوام تي بار وڌو آهي جنهنڪري عام ماڻهون جي دل ۾ موجوده حڪومت يا تحريڪ انصاف جي لاءِ همدرديون هيون اهي مڪمل طور ختم ٿي ويون آهن.

اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هن سرڪار جي ڪارڪردگيءَ بابت عام تاثر بنهه منفي پيدا ٿي ويو آهي، هڪڙي عمومي راءِ اها جڙي آهي ته هن حڪومت عوام جي مسئلن حل ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ مخالف سياستدانن خلاف ڪاررواين تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي، جنهن سان عام ماڻهون جو ڪو به تعلق نٿو جڙي بلڪه  ان سموري عمل کي اتقامي ڪارروائي تصور ڪيو پيو وڃي ، جنهن تي عوام جو پئسو ۽ وقت ضايع ٿيو آهي. جنهن جو وري ڪو  ڳڻپ جهڙو نتيجو به آڏو نه آيو آهي.

سرڪار جي پنهنجو وقت اهڙن معاملن تي وڃائي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري بحران آهن جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن،پيٽرول جي اگهن ۾ مسلسل اضافي سان عام واهپي جون سموريون شيون عوام جي پهچ کان گهڻو مٿي چڙهي ويون آهن مٿان وري سياري جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ ئي سموري ملڪ ۾ گئس جو شديد بحران ٿي ويو آهي،انهن معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ  ڪنهن به سطح تي ڪي اهڙيون ڪوششون نظر نٿيون اچن جنهن مان عوام کي اها اميد ٿئي ته سرڪار واقعي سندن اهڙن اهم بحرانن کي حل ڪرڻ لاءِ مناسب يا جوڳيون ڪوششون ڪري رهي آهي. نتيجي ۾ عوام مايوسي ۽ بيزاري جو شڪار ٿي رهيو آهي.

اهڙي صورت ۾ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئشن وارن وري 25 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند رکي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن عوام کي ان ڪري به ڇرڪائي وڌو آهي جو هاڻي عوام ۾ معاشي طور تي سهپ نه رهي آهي جيڪڏهن پيٽرول پمپس جي هڙتال سان ڪو بحران يا ڪو مسئلو پيدا ٿيندو ته اهو ٻڻ عوام کي ڀوڳڻو پوندو،

اسان هتي سرڪار جو ڌيان هن اهم معاملي ڏانهن ڇڪائيندي گذاريش ڪريون ٿا ته عوام جي مفاد ۾ آل پاڪستان پيٽرول پمپس ايسوسيئشن سان ڳالهيون ڪري ڪو مناسب رستو ڪڍي عوام کي هن امڪاني بحران کان بچايو وڃي. وقت جي حڪومت تي ٻين ذميدارين سان گڏ اها پڻ هوندي آهي ته اها عام ماڻهون جي اهنجن کي دور ڪرڻ جي لاءِ وقت سر ۽ مناسب قدم کڻي.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.