سياسي گڙٻڙ، مذهبي شدت وارو دور ۽ زميني حقيقتون

تحرير؛رياض ابڙو 

جڏهن پي ٽي آءِ وارن ٽي ايل پي تي پابنديءَ جي ڳالهه ڪئي هئي تڏهن تحريڪ ليبڪ پاڪستان وارن خدا ڪارڻ گذريل 20 اپريل تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هيو تڏهن پي ڊي ايم ۾ به ڪجھ پويان پساھ باقي هيا پر هن پي ٽي آءِ وارن جي پارٽي ان خوف ۾ هئي ته جي ٻنهي پارٽين لانگ مارچ جو اعلان گڏي ڪيو ته انهن کي ٻنجو ڪير ڏيندو، حڪومت جا ته پير ئي نڪري ويندا، پوءِ سنڀالڻ مشڪل ٿي پوندن، ان ڪري پي ڊي ايم کي ڇڙوڇڙ ڪري پاڻ ۾ ئي ويڙهائي وري ٽي ايل پي تي پابندي هڻي انهن جي اڳواڻ کي ئي جيل ۾ اندر ڪري ڇڏين ته جيئن مخالفن جي ٻاريل باھ ٿوري وقت لاءِ جهڪي ٿئي ۽ حڪومت ساھ پٽي. هاڻي جڏهن ڏٺن ته پي ڊي ايم ڪنهن ڪم جي ناهي معني سڀ پنهنجي پنهنجي ٿا هلائن، باقي رهي رڳو ٽي ايل پي جيڪا پنجاب ۾ ايتري ته مضبوط آ جو ڪنهن ڳالهه کان نه ٿي لنوائي، انهن جا ڪارڪن سِرَ تي ڪفن ٻڌي نڪتا آهن، روڊ هڻي بند ۽ بلاڪ ڪري وڌا اٿن، ٽي ايل پيءَ جا ڪارڪن ڪنهن جي نه ٿا ٻڌن، پنهنجي اڳواڻ سان شدت سان پيار ٿا ڪن، انهن حڪومتي وزيرن جي ڪنهن به ڳالهه يا مطالبي کي نه ٿا مڃن بس رڳو هڪ ئي ڪار اٿن ته ”انهن جو اڳواڻ ٻاهر اچي ۽ پابندي ختم ڪن“ پوءِ انهن جي احتجاج کي حڪومت جي لاءِ ٽارڻ ۽ اهو به پنجاب جهڙي صوبي معني حڪومت ڪيرائڻ جي برابر آ، ان ڪري جي انهن جي مطالبن جي ڳالهه نه مڃن ته حڪومت پنجاب جهڙي صوبي ۾ پاڻ وڃائي نه ويهي يا اهو به هيو ته ٽي ايل پيءَ جي پارٽي ۽ مذهبي انسيت، شدت، تنگي ۽ وٺ وٺان رڳو پنجاب جي سرحدن اندر ئي رهي، ان ڪري حڪومت وري به سياڻپ ڪري ڪم ڪڍي وئي جو انهن جي اندر ئي ٽياڪري وارا به گھڻا جاڳي پيا (۽ ويڙهائڻ وارا به گھڻا هين)

ماڻهن جي نظر ۾ ٽي ايل پي اسٽبلشمينٽ جي ڪلهن تي سوار ٿي آئي هئي جيئن مولانا طاهرالقادري به اسٽبلشمينٽ جي هٿ وس رهندو ايندو آ، يا اهو به حڪومت جي اهڙن ڌرڻن ۽ احتجاجن ۾ ڪم ايندو رهيو آ، جيئن ان کي به اسٽبلشمينٽ جي ڳوٽ سمجهيو ويندو آ، ڇو ته اسٽبلشمينٽ وارا ان کي جڏهن به چاهن (پر شرط آ ته حڪومت پ پ جي يا نون ليگ جي هجي) ته هو صاحب به ڪنٽينر کي سجائي سياست ڪندو، پر جنهن اشوءَ تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان پنهنجي سياست پئي ڪري اهو اشو رڳو ٽي ايل پي وارن جو نه هو يا ائين به نه هيو ته ان اشوءَ ۾ ڪنهن به ٻي مذهبي پارٽيءَ جو نه وڃي، ڇو ته ٻين مذهبي پارٽين جي ايجنڊا ۽ اشو سدائين ٻيا ۽ موسمي رهندا آيا آهن، پر ٽي ايل پي وارن شدت ڏيکاري ان ڪري ٽي ايل پيءَ وارن کي جيترو به پاور شو ڪرڻو هيو انهن ڪيو ۽ حڪومت کي گوڏا کوڙاين، ۽ حڪومت ٽي ايل پي جي اها ئي ڳالهه مڃي جيڪا جنهن ڳالهه تي اهي پهرين ئي احتجاج ڪندا رهيا هيا.

طالبان جو آزار ڀلي اسان جي شهرن سان به هجي پر اتي ٽي ايل پيءَ جو ڳڙ ته وري به پنجاب هيو، يا لاقانونيت رڳو پنجاب ۾ ئي رهندي آئي يا جتي گجرانوالا موٽروي تي لاقانونيت ڏٺي سين، جتي هارين سان پوليس جون ڏاڍايون ڏٺيون، يا جتي ڪمند جا پوکارئي الڳ مسئلي ۾ هيا، اتي هاڻي وري مذهبي تنظيمون به، يا جڏهن طالبان جو مسئلو هيو تڏهن به عمران خان جي مٿي ۾ سور هيو ته هي سڀني طالبان جو ڪيس پاڻ وڙهندو، ۽ انهن کي عام معافي ڏئي، يا طالبان آمريڪا سان سڌو سنئون ڳالهين جي ٽيبل تي نه ويهن ۽ دنيا کي ڪري ڏيکارن ته اهي ڪيئن آمريڪا کي للڪارن ٿا، يا عمران خان جي سرڪار وانگي جو هنن کان هوائي اڏا گهرن نه گهرن پر هي ڀڀڪيون ڇڏيندا يا ڀلي اندر ئي اندر طالبان سي آءِ اي سان ٺاھ ڪن، پر هن جي دل انهن سان ئي ڌڙڪي ٿي، ساڳي ڳالهه جن ٽي ايل پيءَ سان به ڪئي، ڇو ته هن کي حڪومت هلائڻ ته اچي ئي نه ٿي، ۽ هن جي مٿان اهڙين پارٽين کي صلح صفائي سان هلائڻ لاءِ وڏو وزن آ ۽ مذهبي فريضو به سمجهي ٿو، يا جڏهن هنن کي ٽي ايل پي وارن جي ڳالهه مڃڻي هئي ته خوامخواھ غريب قانوني عملدار ڇو مارايائين، پنجاب کي جنگي محاذ بڻائي ڇڏيائين، وزيرن کي بڇي ڇڏيائين، ۽ انهن جي مرضي ۽ منشا هئي ته جيئن وڻين تيئن ڳالهائن، يا جيڪو وڻين سو ڪن، معني هڪڙي شدت مس ٺاپر ٿي ٿئي ته اتي وري ٻي، طالبان سان ويڙھ مس چپ ٿي ٿئي ته اتي وري ٽي ايل پي سان ويڙھ، وري جڏهن هنن ڏٺو ته اها پارٽي 20 اپريل تي لانگ مارچ ڪرڻ واري آ ته انهن جي سربراھ (سعد رضوي) کي پڪڙي اندر ڪري ڇڏين، وري ڳالهه زور وٺي وين ته ان پارٽيءَ تي پابندي به هڻي ڇڏين، وري سڄو پنجاب ٻاري رکين جو ٽي ايل پي پنجاب جا روڊ ڀري ڇڏيا.

ماڻهن ۾ ايڏي شدت پسندي، ايڏي مذهب پرستي، ايڏا مذهبي لاڙا جو پنجاب ڄڻ افغانستان ٿي پيو، پر مجال هئي جو حڪومت انهن جي ڪا به ڳالهه مڃي، پر جڏهن ڳالهه زور وٺي وين، پاڻي نڪ کان چڙهي وين، دم ٻوساٽجڻ لڳن تڏهن خبر پين ته حڪومت ڪجھ نه ٿي ڪري سگهي ان ڪري انهن سان ڳالهيون ئي بهتر حل آ، ڇو ته اهڙي، جوش، جذبي ۽ مذهبي ولولي ۾ ٽي ايل پيءَ جا ماڻهو ته هڪ انچ به پوئتي نه ٿيا، انهن ڪري ڏيکاريو ته انهن کي پنهنجي اڳواڻ سان شديد پيار آ، ۽ حڪومت آڻ مڃي ورتي، وري ساڳي طرح هن جي مٿان به وڏو بارُ هيو ته هي اهڙيون پاليسيون وضع ڪري جنهن ۾ فائدو رڳو طالبان جو هجي، جو طالبان کي ست خون معاف آهن، اهي طالبان پوءِ جيش محمد جا هجن، جماعت الدعوي جي هجن، القاعده پاڪستان جا هجن، تحريڪ طالبان پاڪستان جا هجن، لشڪر جهنگوي جا هجن، يا ڪا ٻي تنظيم پر انهن کي سڀ معاف آ، اڃان ته اهڙي نوبت نه آئي جو هي انهن طالبان کان ضرب عضب جي به معافي نه وٺن، ڇو ته ضرب عضب ۾ به ته طالبان جو نقصان ٿيو هو، يا وري جيڪي هنن جا اي پي ايس اسڪولن جهڙا نقصان ٿيا اهي ڪنهن کاتي ۾ ناهن، پر افغانستان جي هاڻوڪي هڻ هڻان ۽ آمريڪا جي وٺ پڪڙ ۽ طالبان مان هٿ ڪڍڻ کان پهرين ئي طالبان کي واري ويهي رهيا هيا معني ڏنگا ڏاها طالبان آهن پر آهن هنن جا، وليم برنر جو رڳو اشارو ڪرڻ هيو ۽ هنن آءِ ايس آءِ جي چيف کي طالبان وٽ پڄائي دم پٽيو ۽ سک جو ساھ کنيو.

ڳالهه لاقانونيت جي پنهنجي جاءِ تي، پر هن عمران خان به اها ئي ڳالهه ڪئي جيڪا جنرل مشرف پنهنجي دور ۾ ڪري ويو، اها ٻي ڳالهه آ ته هن آرٽيڪل 6 ٽوڙيو جنهن جو ڪو دادا فرياد نه ٿيو، پر هن به لال مسجد تي آمريڪا جي چوڻ يا مرضيءَ تي آپريشن ڪري بي سبب اهڙن ئي انتهاپسندن تي حملو ڪيو هو، خونريزي ڪري ۽ ڪرائي پاڻ نڪري هليو ويو، ڪنهن ان ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو، يا ڪنهن ان کان پڇا نه ڪئي ته اهو ڪهڙو آپريشن هيو جو انهن ساڳين ئي سنگتين کي هاڻي ته عام معافي ملي به وئي پر انهن مولوين ۽ ملائيت کي عام معافي نه ملي جيڪي آمريڪي برانڊ جا نه هيا، جن جي مٿان آمريڪا جو ٺپو، قرباني يا انهن جي محبوبيت جي ڇاپ يا انهن جي مٿان آمريڪا سان وفائي جي ڇانوَ نه هئي ان ڪري اهڙن بنياد پرستن کي عام معافي ناهي جيڪي طالبان ناهن يا ڳالهيون جا در يا ٽياڪڙي جا در رڳو اهڙن مذهبي گروهن جي لاءِ روا آهن جيڪي پنجاب جي سرحدن ۾ اچن، يا جيڪي گروھ گھٽ ۾ گھٽ اسٽبلشمينٽ جي لاءِ ڪم ڪن، يا ڳالهه سمجھ کان مٿانهون آ يا مذهبي گروهن جي اهڙي ڳالهه ڪيئن سمجهون، ڳالهه سٽُ بڻجي ٿي وڃي، بحرحال، ملائيت به پنجاب جي، مذهب گروھ به پنجاب جا، ٽياڪريون به پنجاب جون، معافيون تلافيون به پنجاب جون، سپاهي، پوليس، رينجرز به پنجاب جي ملڪ به سندن، اسان ته خوامخواھ انهن جا آهيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.