عوام جي لاءِ بحرانن جون خوشخبريون!!

تحريرـ؛شوڪت علي جلباڻي

وزيراعظم عمران خان جي تقرير کان پوءِ جيڪي تجزيا ٿي رهيا آهن انهن مان ڪي خوبيون پيا ڳولين ته ڪي وري خاميون پيا ڳولين، ڪن کي لڳي ٿو ته وزيراعظم جي تقرير اقتدار ۾ هجڻ  واري وزيراعظم جي تقرير گهٽ پر بي وس ۽ لاچار شخص جي تقرير هئي، منهنجي نظر ۾ وزيراعظم عمران خان  جي هي پنهنجي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وارين تقريرن کان بلڪل  مختلف ۽اقرار نامو هو، انهن سڀني واعدن کي پوري نه ڪرڻ جو اقرار هو ۽ وزيراعظم ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ضعيف اقتدار جي لاءِ عوام مان همدردي حاصل ڪجي.وزيراعظم عمران خان اقرار ڪري چڪو ته گيهه،اٽي ،دالين توڙي تيل جون قيمتون عوام جي پهچ کان ٻاهر آهن انهي ڪري قوم جي لاءِ 120 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو ويندو، هڪ طرف پيڪيج جو اعلان ٿيو ته ٻئي طرف ڪالهه ئي کائڻ واري تيل توڙي ٻين شين جا اگهه وڌي ويا،

وزيراعظم  عمران خان عوام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون ٻيڻيون ٿي چڪيون آهن پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن اهڙي صورتحال ۾ به قيمتن کي نه صرف پاڙيسڙي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ رکيو پر سستو تيل به ڏنو، وزيراعظم عمران خان هندستان ۾ ملندڙ ڀارتي ڪرنسيءَ ۾ 107 روپين واري لٽر جي قيمت کي پاڪستاني روپين ۾ تبديل ڪري ٻڌايو ته هندستان ۾ 250 روپيه (پاڪستاني ) ۾ ملي رهيو آهي جڏهن ته بنگلاديش ۾ ملندڙ  89 بنگالي ٽڪن وارو ليٽر پاڪستاني 200 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان عوام کي هندستان  ۽ بنگلاديش ۾ ملندڙ تيل جي قيمتن جو ته ٻڌايو پر اهو نه ٻڌايو ته روپئي جي قيمت ڀارتي ڪرنسي ۽ بنگالي ڪرنسي کان ڪيتري گهٽ آهي ۽ ڪهڙا ڪارڻ هئا جن جي ڪري وزيراعظم عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪي روپئي جي قيمت ڏينهون ڏينهن ڪرندي ٿي رهي. پهرئين ته وزيراعظم کي اهو پنهنجو موقف ياد نه رهيو هوندو ته جڏهن ملڪ مان ڊالرن کي غير قانون طريقي سان موڪليو ويندو هو ۽ ملڪ تي ٻن وڏن مني لانڊرن جي حڪومت سندس اقتدار کان پهرئين رهي هئي ان ڪري ملڪي ڪرنسي جي قيمت گهٽجي رهي هئي پر هن وقت اقتدار ۾ اها جماعت آهي جنهن جي نالي کان وٺي منشور ۾ صرف انصاف جي صبح شام ڳالهه ٿيندي هئي، ان ڪري روپئي جي قيمت جو ڪڏهن ڪووڊ جي ڪري ڪرڻ ۽ ڪڏهن وري افغانستان ۾ ٿيندڙ صورتحال جي ڪري ڪرڻ، سراسر انتظامي ڪارڪردگي جو ثبوت آهي.  وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر تي مني لانڊرنگ جا الزام هڻندو رهيو ۽ ڪنٽينرن تي چڙهي عوام کي سمجهايو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڊالر ن  کي غير قانوني طور تي اسمگل ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ حڪمران ملوث هوندا آهن، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڪالهه ئي انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ مان 65 لک ڊالر افغانستان غيرقانوني طور تي اسمگل ڪيا ويا.

اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته وزيراعظم توڙي سندس ڪابينا بار بار هندستان ۽ بنگلاديش جا مثال ڏيئي تيل توڙي کائڻ پيئڻ وارين شين جي اگهن بابت عوام کي ٻڌائي ڪيڏو عوام تي احسان جتائين ٿا ته جيڪڏهن ملڪ ۾ 250 يا 200 روپين ۾ تيل ملي ها ته سوچو ڪيڏي مهانگائي ٿئي ها، هڪ ته آئون انهن ڳالهه کي سمجهه کان ئي ٻاهر سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اسان جي في  ڪس آمدني هندستاني ۽ بنگالي ڪرنسي جي ڀيٽ ڪري ڏني وڃي ته پوءِ يقينن انهن ملڪن جي اگهن کي پاڪستان ۾ پيش ڪري ٻڌائي سگهجي ٿو ته ڏسو اسان اوهان کي ڪيترو هولڊ بٽڻ تي رکيو آهي، هولڊ بٽڻ به اهڙو جيڪڏهن ڏسجي ته خبر پوندي ته هي راند صرف انگن اکرن ۾ منجهائي عوام کان همدردي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجو عوام جي لاءِ درد ڏيکارڻ جو ڊرامو آهي، مثال طور  اهو چيو ٿو ته وڃي ته پاڙيسري ملڪن ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي ۽ کاڌي جي شين جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جولاءِ 2018 ۾ هندستان جي  ميٽرو شهرن ۾ پيٽرول جي قيمت 76  کان  83 هندستاني روپين ۾ هئي ۽ پاڪستان ۾ 113 روپين ۾ لٽر هو، هندستاني روپين کي ان وقت جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن پاڪستاني روپئي سان ڀيٽيو وڃي ته 142 روپين کان  155 روپين ۾ ملي رهيو هو،جڏهن ته ان وقت هندستان ۾ ڊالر جي قيمت 68.74  روپيه هئي ۽ پاڪستان ۾ ڊالر 128.50 روپين جو هئو يعني 59.66 روپيه هندستاني روپيو پاڪستان کان سگهو هو ، هندستان ۾ هن وقت پئٽرول 104 کان 113 هندستاني روپين تي وڪرو ٿي رهيو آهي، يعني  236 روپين کان 256 پاڪستاني روپين ۾ وڪري ٿي رهيو آهي.

جولاءِ 2018 کان هندستان ۾ ڊالر 5 ڏهائي 75 روپيه 4 نومبر 2021 تائين مهانگو ٿيو يعني پاڪستاني فقط 13 روپيه مهانگو ٿيو ۽ تيل جي  قيمت ۾ 28 روپين کان 30 روپين تائين جي واڌ ڪئي ويئي آهي،جڏهن ته پاڪستاني روپئي جي قيمت جولاءِ 2018 کان 4 نومبر 2021 تائين ڊالر جي قيمتن ۾  41 روپيه واڌ ٿي آهي، يعني هندستان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ٽيڻ تي وڌي ويئي آهي، اهڙي ئي ريت تيل جي قيمت ۾ 27 روپيه واڌ ٿي آهي، جيڪڏهن ڀيٽ ڪجي ته هندستاني ۾ پيٽرول جي قيمتن کان وٺي ڊالر جي قيمتن  تائين پاڪستاني روپين ۾ تمام گهٽ واڌ ٿي آهي ۽ صرف انگن اکرن ۾ منهنجائي اسان کي اهو سمجايو ٿو وڃي ته حڪمرانن اسان تي پاڙيسري ملڪن کان تمام گهٽ وزن رکيو آهي، ساڳي صورتحال بنگلاديش جي به آهي پر سمجهڻ لاءِ هندستان جو مثال ئي ڪافي آهي.

وزيراعظم عمران خان  جي تقرير کان پوءِ  تحريڪ انصاف جي دفاع جي لاءِ  ، بوٽ ٽيبل تي رکي ڳالهائڻ واري معزز هڪ سينٽر ڪالهه قومي ٽي وي ويهي حلقي آواز ۾ مڃيو ته قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ ۾ انتظامي ڪوتاهيون ٿيون آهن پر جيڪڏهن اسان ڪوتاهيون ڪيون آهن ته پوين حڪومتن ڪهڙيون کير جون نديون وهائي ڇڏيون هيون، هڪ عجيب و غريب منطق پيش ڪندي موصوف چيو ته جيڪڏهن مون هڪ جڳهه کي هڪ لک روپين ۾ خريد ڪيو ۽ 20 سالن کانپوءِ ان جي قيمت 1 ڪروڙ روپيه ٿي وڃي ٿي ته عوام اهو فائدو ته حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر 20 سال پهرئين جي قيمت تي عوام کي پئٽرول ۽ ماني نه ٿا ڏيئي سگهون، مان حيران آهيان ته معزز اينڪر حضرت موصوف اهو پڻ نه سمجائي سگهيو ته جيڪڏهن جنهن روپئي جي قيمت تي اها جڳهه خريد ڪئي ويئي ۽ ويهن سالن کانپوءِ اوهان پنهنجي روپئي جي قيمت ايتري ڪيرائي ڇڏيو ته اتي قيمتن جو وڌي وڃڻ ئي مقصود هوندو آهي.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪالهوڪي تقرير ۾ پاڙيسڙي ملڪن جي  في ڪس آمدني جو ذڪر ته هرگز نه ڪيو پر ماڻهن جي قوت خريد وڌي وڃڻ جي ڀيٽ ڪئي  ته  ملڪ ۾ رڪارڊ سطح تي موٽرسائيڪلون ۽ ٽريڪٽرن جي فروخت ٿي آهي، خبر ناهي وزيراعظم موٽر سائيڪلن جي انگن اکرن ۽ ٽريڪٽرن جي فروخت کي ملڪي ترقي سان ڪيئن جوڙي رهيو آهي، زميني حقيقت ته اها آهي ته عوامي سواري کي في ڪس آمدني  جي مد ۾ ٽن سالن ۾ ساڍا چار هزار روپيه واڌ ڪري 50 سيڪڙو مهانگي ڪئي ويئي آهي، اها به حقيت آهي ته سريي سيمينٽ کان وٺي جان بچائڻ وارين دوائن ۾ 50 سيڪڙو کان 400 سيڪڙو تائين واڌ ڪري جڪڏهن عوام کي فقط مخصوص شين تي سبسڊي جي نالي تي 30 سيڪڙو رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ٿو وڃي ته يقينن عوام جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشخبري ٿي سگهي ٿي.

ڪالهوڪي وزيراعظم جي تقرير ۾ عوام جي لاءِ پيئٽرول جي اگهه کي وڌائڻ وارو اشارو ته هو ئي پر پاڪستاني تاريخ ۾ هي واقعي پهريون دفعو ٿيو آهي ته ملڪ جووزيراعظم عوام کي  پنهنجي خطاب ۾ آگاهه پيو ڪري ته هن سال سياري ۾ گئس جي کوٽ ٿيندي ۽ اڳئين سال ان کان به وڌيڪ ٿيندي، جيو نيوز جو اينڪر تحقيق انگن اکرن سان گذريل ڇهن مهينن کان گئس جي مهانگي خريد توڙي وقت تي آڇ نه گهرائڻ جي لاءِ پاور ۽ انرجي واري وزارت ۾ ڪوتاهين ۽ اختلافن توڙي گئس جي نه هجڻ بابت رڙيون ڪري رهيو هو پر وفاقي وزير حماد اظهر هن جي پروگرام ۾ گذريل مهيني ئي ويهي چيو هو ته ملڪ ۾ گئس جي ڪا کوٽ ڪانه ٿيندي  ۽ شاهزيب خانزدي جي رسرچ کي هڪ جملي ۾ ويڙهي ڇڏيو ته ملڪ ۾ صرف شاهزيب خانزده جو ئي پروگرام ناهي جو آئون اتي اچي جوابده ٿيان، هي آهي ملڪ ۾ سنجيده حڪمرانن جو ٽولو جيڪو عوام کي  بحرانن جون خوشخبريون ٻڌائيندو رهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.