ميروخان:ميان محمد شاھجان حضوري پاران ٽائون آفيسر جي حمايت ۾مظاهري جو اعلان

ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي ملازمن ۽ ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو جي وچ۾ ٽائون ڪاميٽي جي گوسڙو ملازمن جون پگھارون بند ڪرڻ تان شروع ٿيل تڪرار بعد ٽائون آفيس اندر پگھارون بند ٿيل ملازمن طرفان ٻاھران ماڻھو گھرائي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ واري معاملي بعد درگاھ ميان حامد الله حضوري جي گادي نشين ميان محمد شاھجان حضوري طرفان پھنجي رھائشگاھ تي ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي ۽ چيو ته ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو ھڪ بھترين ۽ فرض شناس آفيسر آھي جنھن جي مقرري بعد شھر اندرصفائي واري ڪم ۾ تيزي اچڻ سميت ٻيا به ڪافي سٺا ترقياتي ڪم ٿيا آھن، ٽائون آفيسر طرفان ڊيوٽيون نه ڪندڙ ملازمن جون پگھارون بند ڪرڻ بعد مگسي ذات جي ڪجھ گوسڙو ملازمن طرفان ٽائون آفيس تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد آفيس جي تالابندي ڪئي آھي، گادي نشين جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته هو ميروخان شھر جي مختلف مڪتبي فڪر سان تعلق رکندڙ شھرين کي اپيل ٿو ڪري ته سڀاڻي ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري گوسڙو ملازمن ۽ سندن ڪيل عملن خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شريڪ ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.