ڪشمور ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل

ڪشمور(ڊر ) ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخش مزاري ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار دلي جان مزاري پنهنجي گهرواري مسمات بخت مزاري کي مٿي ۾ پسٽل جون گوليون  هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو مارجي ويل عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقہ سول اسپتال ڪشمور آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم جي سھولت نه ھئڻ ڪري عورت جو 5 ڪلاڪن تائين لاش پيل رھيو ايم ايس مير حسن ڪولاچي مقرر ليڊي ڊاڪٽر پرينڪا ڪماري کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ وس ڪيا جنهن انڪار ڪري ڇڏيو ليڊي مڊوائيف کان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جوابدار مٿان قتل جي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.