خيرپور ۾گهر جو رستو بند، رهواسين جو ايس ايس آفيس اڳيان ريلي، احتجاج

خيرپور (  س  ر  )  ڪاشف ڪالوني ۾ پوليس اھلڪار محرم علي شر ۽ دانيال شر ڪاشف ڪالوني جي رھائشي آصف شر جي گھر جو اچ وڃ جو رستو بند ڪري ڇڏيو گھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي،ڪاشف ڪالوني جو رهواسي نوجوان  آصف شر  ايس ايس پي آفيس  کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته پوليس اھلڪار محرم علي شر ۽ دانيال شر مھنجي گھر جو رستو بند ڪري چڏيو آھي مونکي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن منهنجي گهر تي بلا جوازگهر تي قبضو ڪري رهيا آهن ، هن ٻڌايو ته  پوليس اھلڪار محرم شر ۽ دانيال شر سرڪاري ھٿيار کڻي وردي پائي مھنجو رستو بند ڪري رھيا آھن  جن جان مون وٽ ثبوت موجود آهن ، هن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته گهر تي قبضو ڪندڙ پوليس اهلڪار ۽ ان جي ساٿين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري  انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.