پيرجوڳوٺ ۾مبينا اغوا ڄاڻايل عورتون راڄوڻي تحت وارثن حوالي

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ ۾ 2 ڏينهن اڳ مڱريا ۽ ڪانھر برادري پاران هڪ ٻئي جون 3 عورتون مبينا اغوا ڪرڻ  بعد علائقي جي چڱن مڙسن ۽ ايس ايس پي خيرپور جي ڪوششن سان برادري جي ماڻهن ڏانهن واپس ڪيون ويون آھن، جنهن جي ڪانھر ۽ مڱريا برادري جي ماڻهن پڻ تصديق ڪئي آھي، ان سلسلي ۾ علائقي ۾ چوٻول آھن ته ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال ۽ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جي ڪوششن سان مبينا اغوا ڪيل عورتن کي وارثن ڏانهن واپس موڪليو ويو آھي، جڏهن ته مبينا اغوا ڪيل مڱريا برادري جي پيپلز پارٽي اڳواڻ محمد ابراھيم مڱريو جي نياڻي ڪائنات مڱريو ۽ ڪانھر برادري جي ٻن عورتن کي پيرجوڳوٺ پوليس پيرجوڳوٺ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ڄاڻايل عورتن عدالت کي بيان ڏيندي چيو ته اسان کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو هيو، اسان مائٽن ڏانهن گهمڻ لاءِ نڪري ويون هيون سين ته ڪجهه ماڻهن افواهه ڦھلايا جنهن سبب مڱريا ۽ ڪانھر برادري وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هئي، جڏهن اسان کي اهڙي خبر پئي ته اسان پوليس وٽ پيش ٿيون آهيون، پوليس اسان کي عدالت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ آندو آھي، عورتن جي اهڙي بيان ٻڌڻ بعد عدالت ڄاڻايل عورتن کي پنهنجي پنهنجي وارثن ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.