بهترين جمهوريتون به ووٽنگ مشين استعمال نٿيون ڪري سگهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاران پارلياماني معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ تجويز ڪيل چونڊ سڌارن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي، خط ۾ خدشن جا 34 نڪتا شامل اهن، خط ۾ چيو ويو ته دنيا جون بهترين جمهوريتون به چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ  مشين جو استعمال نٿيون ڪري سگهن، اتر آمريڪا ۽ يورپ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال بند ڪري چڪا آهن، ڀارت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي محدود استعمال ۾ به  ڪيترائي سال لڳايا، خط ۾ چيو ويو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشنين جو استعمال عمل جوڳي تجويز ناهي، تڪڙ واري ڪنهن به فيصلي سان عوام جو چونڊ عمل تان اعتماد کڄي ويندو، خط موجب ووٽنگ مشين جو نظام تمام مهانگو پئجي ويندو، اليڪشن لاءِ 9 لک اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ضرورت پوندي، ان نظام تي چونڊن لاءِ 150 ارب رپيا خرچ ايندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.