ميرپورخاص: اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) 14 مھينا اڳ فاريڪس ٽريڊنگ جي غير قانوني پرڏيھي ڪرنسي ڪيس ۾  ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران  ھريش ڪمار ڪڙيلا ۽ سندس 12 سيڙپڪاڙ ساٿين خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيل هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ڪيس جو مک جوابدار ھريش ڪمار ڪڙيلا پيش نه ٿي سگھيو، جڏھن ته ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جتي ھريش جي وڪيل پاران درخواست ڏني ويئي ته ھريش بيماري سبب پيش نٿو ٿي سگھي، جنھن بعد عدالت ٻڌڻي 1 آڪٽومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته ضلعي ۾ چو ٻول آهن ته اربين روپين جي مبينا فراڊ ۾ ملوث هريش انويسٽرن پاران پنهنجي رقم واپس ڪرڻ جي تقاضا ڪرڻ سبب ڪمپني جو مالڪ نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.