ڪراچي جو سيٺ اهلڪار ساڻ ڪري سوڀوديري جو نوجوان کنڀي ويو، قتل جوخدشو

خيرپور  (  ڊ ر ) سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ڪينجهر جي رهواسن، ڪمال ۽ عدر منـڱڻيجو پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ دلدار ڪراچي ۾ زيڊ اي ڊيڪوريشن ملير ۾ مينيجر هيو ۽ تقريبن ڳوٺ جا 30 مزدور هن جي هٿ تي ڊيڪوريشن جي دڪان تي ڪم ڪندا هيا جنهن ڪري ڊيڪوريشن مالڪ ڏانهن 3 لک 85 هزار ٿي ويا هيا مالڪ رقم نه پيو ڏئي جنهن تان ڊيڪوريشن مالڪ سان ڏند چڪ ٿيا ۽ ڊيڪوريشن جي دڪان تان اسان جو ڀاءُ ڳوٺ هليو آيو گذريل ڏينهن ڊيڪوريشن مالڪ زاهد انصاري فون ڪري کيس چيو ته هنڱورجا ڀرسان شاهه جي مشين تي اچو ته توهان کي پنهنجي رقم ڏيان جڏهن اسان شاهه جي مشين تي پهتا سين ته سيٺ زاهد انصاري سان گڏ پوليس اهلڪار به هيا جيڪي زبردستي اسان جي ڀاءُ کي پرائيويٽ ڪار ۾ کڻي هليا ويا هنن چيو ته اسان خدشو آهي ته سيٺ جنهن جو تعلق هڪ دهشتگرد تنظيم سان آهي اهو اسان جي ڀاءُ کي قتل نه ڪرائي ڇڏي، هنن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته اسان جي ڀاءُ کي تحفظ ڏئي کيس آزاد ڪيو وڃي، ۽ بااثر سيٺ زاهد انصاري خلاف نڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.