افغانين کي ڪئمپن ۾ رهايو وڃي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي پارلياماني محاذ تي گڏجڻ گهرجي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي پارلياماني محاذ تي به گڏيل اتحاد طور ھجڻ خواھشمند آھيون، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ڪيس پ پ سرڪار صحيح نموني نه پئي رکي، پ پ ۽ پي ٽي آئي ھڪ سڪي جا  ٻه پاسا آھن. افغانستان ۾ ٿيندڙ غير معمولي تبديلي جا اثر پوري خطي تي پوندا. سنڌ وڌيڪ ڌارين جو بار برداشت نٿي ڪري سگھي. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھه ڊاڪٽر قادرمگسي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي فرزند سيد امداد شاھه جي وفات تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھه سيد جلال شاھه ۽ سيد زين شاھه سميت سندس سيد خاندان سان تعزيت دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو سيد امير حيدر شاھه ھڪ بااصول شخص ھو، سندس وڇوڙو صرف سيد خاندان نه پر پوري سنڌ جو نقصان آھي. ان موقعي تي هن سوال جي جواب ھن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي پارليماني محاذ تي پ پ سميت ٻين وفاقي پارٽين جي متبادل طور ڏسڻ جا خواھشمند آھيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورين پارٽين جي گڏيل صلاح مشوري سان اھڙي خوشخبري جلدي ملندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادرمگسي چيو ته پاڻي جي معاملي تي سدائين پنجاب سنڌ سان انصافي ڪندو رھيو آھي، ججن واري معاملي تي پارليماني ڪميٽي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آئي گڏ بيٺا ھئا. ان ڪري اسان ٻنھي کي سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن پارٽيون سمجھون ٿا. هن چيو ته افغانستان مان ايندڙ پناھگيرن کي سنڌ کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪٿي به رھايو وڃي اسان کي ڪو به اعتراض ناھي، سنڌ ۾ اڳ ۾ ڌارين آبادڪاري سبب آبادي جو توازن بگڙجي رھيو آھي، ھتان جا اصل ڌرتي ڌڻي پنھنجن حقن کان محروم ٿي رھيا آھن،. اسان جو اھو مطالبو آھي ته عالمي قانون مطابق افغان پناھگيرن کي ڪئمپن ۾ رھايو وڃي سندن رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ کين ھن ملڪ ۾ خريد وفروخت جا حق نه ڏنا وڃن ۽ سنڌ جي اندر سندن داخلا تي بندش لڳائي وڃي ان موقعي تي ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح، گوتم چنا، علي شير ڇڇر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.