ٺري ميرواھ کي ضلعو بڻايو وڃي

تحرير: ثاقب ارشد لغاري

ويجهڙ ٿيل آدمشماري  تحت ٺري ميرواهه جي آبادي 352491 آھي  مطلب تعلقي خيرپور کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٺري ميرواھ ضلعي خيرپور جو وڏو تعلقو آھي ان کان علاوه اٺ تعلقن سميت خيرپو جي ڪل آبادي 2405523 آھي. تازو ئي ڪيل آدمشماري موافق ضلعو خيرپور آبادي جي حوالي سان سنڌ جو پنجون نمبر ضلعو آھي،

ساڳي ريت سنڌ سرڪار پاران نوان ضلعا ٺاھڻ جا امڪان پڌرا ٿيا هئا، جنهن ۾ ضلعي خيرپور مان به هڪ ضلعو ٺاهڻ جو امڪان نظر پئي آيو. هاڻ زيرِ بحث ڳالھ اها آھي ته خيرپور ضلعي جي ڪهڙي تعلقي کي ضلعي جو درجو ملڻ گهرجي،  انڪري اها ڳالهھ واضح ۽ انصاف جي دائري ۾ اچي ٿي ته ان تعلقي کي ضلعي جو درجو ملڻ گھرجي جنهن جي آبادي ٻين تعلقن کان جهجهي هجي ۽ اهو تعلقو ٻين تعلقن کي خيرپور ضلعي کان به گھٽ مفاصلي تي هجي، ساڳي طرح خيرپور ضلعي کي ٺري ميرواھ، فيض گنج ۽ نارو کان علاوه باقي سڀ تعلقا تمام ويجھا آھن، تعلقو نارو تمام وسيع ۽ جاگرافي  لحاظ کان سڀني کان وڏو تعلقو آھي پر بدقسمتي سان ٻين تعلقن جي متبادل تمام گھڻو محرومي جو شڪار رهيو آھي،  تعلقو نارو ڪوٽڏيجي کان شروع ٿي سهانگڙ ضلعي سان وڃي ملي ٿو، ان کان علاوه تعلقو فيض گنج ٺري ميروا جي حد کان شروع ٿي نوابشاھ سان وڃي ملي ٿو  مطلب ته ٺري ميرواھ فيض گنج ۽ تعلقو نارو پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن،  جڏھن ته تعلقو ٺري ميرواھ ضلعي خيرپو کان 64.5 ڪلو ميٽرس جي مفاصلي تي واقع آھي ۽ تعلقو نارو 101 ڪلو ميٽرس جي مفاصلي تي خيرپور ضلعي جي اوڀرانهيءَ ڪنڊ تي واقع آھي ۽ تعلقو فيض گنج خيرپور ضلعي کان 98 ڪلوميٽر اوتر طرف واقع آھي جنهن جون حدون نوابشاھ ڊويزن سان ملن ٿيون، جڏھن ته ٺري ميرواھ ۽ فيض گنج جي وچ ۾  63 ڪلو ميٽرس جو مفاصلو آھي ۽ نارا کان ٺري ميرواھ وارو مفاصلو 55 ڪلو ميٽرس جو آھي. مٿي ڏنل انگ اکرن مان اها خبر پوي ٿي ته ٺري ميرواھ، نارو ۽ فيض گنج هڪ ٻئي کي خيرپور ضلعي کان به بنهھ ويجهو آھن ان کان علاوه  خيرپور ضلعي جا ٻيا تعلقه جهڙوڪ ڪوٽڏيجي، ڪينگري، گمبٽ ۽ سوڀوديرو خيرپور ضلعي کي تمام ويجھا آھن  انڪري واضع طور تي نئي ضلعي جي ضرورت ميرواھ نارو ۽ فيض گنج تعلقي کي آھي، ساڳي طرح تعلقي ٺري ميرواھ جي آبادي، سرڪاري زمينون ۽ ٻن وڏن تعلقن جي وچ ۾ هجڻ  کي مدنظر رکندي ٺري ميرواھ کي ضلعي جو درجو ملڻ تمام ضرور ۽ انصاف وارو عمل آھي،

جڏھم کان سنڌ سرڪار پاران نوان ضلعا ٺاھڻ واري ڳالھ پڌري ٿي تڏھن کان عوامي اڪثريت جي راءِ ٺري ميرواھ کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جي حق ۾ آھي، تنهنڪري وڌيل آبادي ۽ عوامي سک لاءِ ٺري ميرواھ کي ضلعي جو درجو ڏيڻ تمام ضروري آھي،

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.