زهريلي پدرشاهي سوچ خلاف آواز اٿارڻو پوندو

تحرير: عرفانه ملاح

سرجيس ته سور ساماڻي ته سک ويا

ٽي سئو سال اڳ سنڌ جي سرموڙ شاعر عورت جي مقدر جي عڪاسي ھن سٽ ۾ ڪئي ھئي. جيتوڻيڪ ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري آفاقي پيغام رکندي آھي اُها سمي ۽ سماج جي قيد کان آزاد ھوندي آھي . تنھن ھوندي به ھر تخليقڪار پنھنجي  دور جو عڪاس ھوندو آھي. جنھن مان اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٽي سئو سال اڳ به عورت جي زندگي سورن جو آستان ھئي.  جڏھن ته اڄ کان ٽي سو سال اڳ جي سماج ۽ جديد دور ۾ زمين آسمان جو فرق آھي ، پر اڄ به سنڌ جي عورت تي نظر وجھو ته ڀٽائي جي سٽ مثل سندس زندگي ايئن سورن ۾ وڪوڙيل آھي.

گذريل ڪجهھ ڏينھن ۾ رڳو حيدرآباد شھر ۾ اٺ عورتون گھريلو تشدد ۾ ماريون ويون آھن.  رياست تبديل ٿي ، رياستي ، سماجي ، معاشي قدر  تبديل ٿي ويا پر سماج ۾ عورت جو رتبو اڄ به غلامن کان بدتر نظر ڇو ٿو اچي.جيتوڻيڪ ، سماج  وڏي پيماني تي مادي ترقي ڪري ويو آھي ،  ھڪ عام مغالطو اھو آھي ته سماج ۾ پيداواري ذريعا تبديل ٿيندا ته پيداواري رشتا به پاڻمرادو مٽجي ويندا. تيئن ئي ٿيڻ ته  ايئن گھرجي ھا ته ماڻھو جڏھن ڪمپيوٽر ھلائڻ لڳا ته سندن سوچ به ڏاند گاڏي واري دور کان نڪري جديد دور پٽاندڙ تبديل ٿئي ھا ۽ عورتن کي ھو پاڻ وانگر برابر جو انسان سمجھن ھا. پر جديد پاڪستان يا سنڌ ۾ ڪو خاص فرق معلوم نه ٿو ٿئي. الٽو ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته معاشرو عورتن جي آزادي ، ترقي ۽ برابري لاءِ  وڌيڪ تنگ ذھن ٿيندو پيو  وڃي. رڳو گھرن ۾ پنھنجي  ناني ڏاڏيءَ جي زندگيءَ ۽ پنھنجي  دور جي سماجي روين تي نظر وجھندئو ته وڏو فرق محسوس ٿيندو ، سٺ ، ستر جي ڏھاڪي ۾ ڇوڪريون گلي ۾ روا وجھي ، سينيمائن تي فلمون ڏسڻ وينديون ھيون سياسي تحريڪن ۾ متحرڪ ھونديون ھيون. سنڌ يونيورسٽي جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا آل پاڪستان ٽوئر تي گڏ ويندا ھئا، گھمندا ھئا، ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ھڪ ٽانگي تي ويھي حيدرآباد گھمڻ  ويندا ھئا.  ھاڻي ڇوڪريون برقعو پائي گھمنديون آھن ۽ ھراسمينٽ جا واقعا روز جو معمول آھن. آل پاڪستان ٽوئر ته ڇڏيو ھاسٽل جي گيٽ تي به ڇوڪرو ملڻ اچي ته طوفان برپا ٿي وڃي.

آخر سماج اڳيان وڌڻ بجاءِ پويان ڇو پيو وڃي؟ ان ۾ به ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ اندر رڻ ٻريل آھي ، عام طور تي پٺاڻن ۽ بلوچن کي وڌيڪ رجعت پرست ۽ سخت گير قومون سمجهيو ويندو آھي .پر اتي به غيرت جي نالي تي ايترا قتل نه ٿا ٿين جيترا سنڌ ۾ ٿي رھيا آھن .پنجاب ۾ غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿا پر ڏھ  لک ماڻھن ۾ ھڪ عورت غيرت جي نالي تي قتل ڪئي وڃي ٿي .جڏھن تي سنڌ ۾ پنج  لک آبادي تي ھڪ عورت قتل ٿئي ٿي. ته سوال اھو پيدا ٿئي تو ته سنڌ جي سماج ۾ عورتن جي غيرت جي نالي تي قتل يا گھريلو تشدد جھڙن واقعن ۾ واڌ سان گڏ مجموعي طور عورت دشمن رويا ڇو جڙيا آهن.

خاص طور تي موجوده عورت دشمن سوچ جيڪا سڄي  ملڪ کي وڪوڙي وئي آھي ان جا پيرا ملڪ جي بدترين آمر ضيا الحق جي اسلامي پاليسن ڏانھن وڃن ٿا . حدود آرڊيننس، قانون شھادت، قصاص ۽ ديت، چادر ۽ چارديواري جھڙا اصطلاح ، شادي کان اڳ جنسي لاڳاپن کي زنا قرار ڏيڻ.رياست شھرين جي جنسي لاڳاپي کي پنھنجي  ضابطي ۾ آڻڻ چاھيو.  ان سان رياست فرد جي بستري واري زندگيءَ ۾ گھڙي آئي. فرد جي جسم تي به رياست جو اختيار ٿي ويو . ڀٽائي جي سھڻي به ضياءُ  جي دور ۾ ھجي ها ته حدود آرڊيننس ۾ کيس ڪوڙا لڳايا وڃن ھا جيئن فھميده الله بخش ڪيس ۾ ٿيو.

پدرشاھي رياستي ڍانچي کي ضياءُ شاھي جي پاليسين  وڌيڪ زھريلو ٺاھيندي ان جي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪئي. ان کانپوءِ  رياستي نشرياتي ادارن ، درسي ڪتابن ، سرڪاري پاليسين  سميت سڄي  رياستي مشنريءَ کي استعمال ڪري سماج ۾ رجعت پرست، عورت دشمن روين جو پرچارُ عام ڪيو ويو. جنھن کي سياسي ۽ نظرياتي طور معاشري مان تمام گھڻي مزاحمت به ملي ، ملڪ جي عورتن،کاٻي ڌر جي  نظرياتي سياسي پارٽين پاران ان خلاف آواز بلند ڪيو ويو پر ھن گھڻ رخي جنگ ۾ رياست جو شڪنجو مضبوط رھيو.

سنڌ ۾  ايم آر ڊي جي تحريڪ کانپوءِ  ڌاڙيل ڪلچر جي ڪري ڳوٺن ۾ ھٿيار عام ٿيو ،  قبائلي جھيڙا، بدامني،  غربت ۾ ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪري پراڻو معاشرتي ڍانچو ٽٽو، جنھن جا ناڪاري اثر عورتن تي تمام گھڻا  پيا. پڙھيل، لکيل  ۽ سياسي سمجهھ رکندڙ ماڻھو ڳوٺ ڇڏي ويا، پويان بدامني، وڏيرا شاھي ۽ سردار رھجي ويا، جن جي رياستي سرپرستي ڪئي وئي.  قصاص ۽ ديت جھڙن قانونن ذريعي جرڳن کي قانوني تحفظ به ڏنو ويو.اھو ئي سبب آھي جو ڪيترا ئي قانون پاس ڪرڻ جي باوجود قبائلي جھيڙن ۾ جوان مردن جي قتلن جي قيمت ۾ عورتن کي سڱ چٽي ڏيڻ کين سام رکڻ ۽ ڪارو ڪاري جھڙن فيصلن جي روڪ نه ٿي سگھي . جيتوڻيڪ  پدرشاھي نظام  قديم آھي ۽ ھميشه کان رھيو آھي  پر رياستي سطح تي اھڙا قدم نه کنيا ويا جن ذريعي عورتن کي چادر ۽ چار ديواري جي تقدس جي نالي ۾ قيد ڪيو وڃي.

جيئن جيئن  ترقي پسند قوتون ڪمزور ٿيون ، تيئن ئي طالباني سوچ جا پرچارڪ مضبوط ٿيندا ويا. ضيا شاھي کان پوءِ  پيدا  ٿيندڙ نسل وٽ ترقي پسند سماج جو خاڪو ئي نه آھي. ترقي پسند فڪر ڪنڊائتو ٿي چڪو آھي ، رياست منظم طريقي سان ماڻھن جي سڄي  زندگيءَ تي قابض ٿي چڪي آھي ، سندن سوچ ، فڪر ، تربيت ۽  تعليم ان ئي نظام ۾ ٿي رھي آھي جيڪو  عورت کي چادر ۾ ڏسڻ چاھي ٿو. ڇاڪاڻ ته ھنن وٽ انساني جان جو ڪو به تقدس نه آهر  پر ان مٿان پيل چادر اھم آھي.  سڄي  سماج جي اھڙي آبياري ڪئي وئي جو  ھر گھر کان ٻاھر ڪم ڪندڙ عورت جي ڪردار کي مشڪوڪ سمجھيو ٿو وڃي. رڳو ھڪ قسم جي عورت  قابل قبول آھي جيڪا ھر قسم جي تشدد ، ناانصافي، ظلم ۽  تڪليف کي برداشت ڪري پر ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍي . حقيقي طور تي ڪابه ساھ کڻندڙ عورت ان فريم ۾ فٽ نٿي ٿي سگھي ،پر ھن ٻٽي اخلاقي معيار جي مرد کي اھڙي عورت ئي کپي . اھو به الميو آھي ته ھن دور ۾ مرد کڻي قبائلي نظام ھيٺ وڏو ٿيندڙ  ھجي يا شھر جي ڪنھن امير اداري مان تعليم حاصل ڪندڙ ھجي، پر  عورتن جي لاءِ  ٻنھي جي سوچ ۾ ڪو به خاص  فرق نه رھيو آھي.مجموعي طور عورتن جي حقن جي ڳالھه ڪندڙن کي خراب عورتون ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو . جيڪا عورت آڏو اچي ٿي ان کي نشانو بڻايو ٿو وڃي، کين  مذھب ۽ ملڪ دشمن سمجھو ٿو وڃي . انساني حقن ۽ عورتن جي حقن لاءِ  اٿندڙ ھر آواز کي دٻايو ويو آھي.

تازو ئي ملا لا يوسف زئي جي ھڪ جملي تي پڙھيل لکيل ماڻھن پاران طوفان اٿاريو ويو  جنھن ۾ ھن رڳو  شادي جي ڪارج تي سوال اٿاريو ھو . جديد دور ۾ سڄي  دنيا ۾  رشتا پنھنجي شناخت مٽائي رھيا آھن . سڄي  دنيا ۾ شاديءَ جو لاڙو پدرشاھي ڍانچي جي ڪري گھٽجي ويو آھي. شادي ھونئن به  سماجي معاهدو آھي، جيڪو ٻن  عاقل بالغ فردن  جي وچـ۾ ھوندو آھي،  ته ھو آئيندي جي زندگ گڏ گذارڻ چاھين ٿا . اھو معاھدو ھو عدالت ۾ جج جي آڏو به ڪري سگھن ٿا يا مولوي جي آڏو نڪاح نامي تي صحيحون ڪري به ڪري سگھن ٿا .نڪاح وقت مولوي رڳو انھن لاءِ دعائون گھرڻ ايندو آھي. جڏھن نئين گھر جو معاھدو ڪبو آھي ته ان وقت به قرآن خواني ڪرائي دعا ڪرائي ويندي آھي. مطلب ته ھڪ سماجي معاھدي کي سماج جي تبديليءَ پٽاندڙ تبديل ٿيڻ گھرجي . جيئن ان ۾ موجود ٻنھي ساٿين جي حقن جو برابر تحفظ ٿي سگھي. جيڪڏھن جديد دور ۾ ڪو فرد نڪاح جي رسم يا ان قسم جي سوديبازي کانسواءِ رشتو رکڻ چاھي ٿو ته  لطيف جي سھڻيءَ وانگر اھو انھن جو حق ھجڻ گھرجي. سڄي  دنيا ۾ ھاڻي اھڙا رشتا عام ٿي ويا آھن ، اٺ پکيءَ وانگر اکيون بند ڪرڻ سان دنيا ته تبديل نه ٿيندي. تنھن ڪري ملالا کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ بدران دنيا جي وھنوار کي سمجھڻ بھتر ٿيندو.

اسان جي ملڪ ۾ نڪاح جو مطلب آھي ڄڻ ته ڇوڪريءَ پنھنجي موت جي سزا تي صحيح ڪئي ھجي . خيال اھو ڪيو وڃي ٿو ته ھوءَ مرڻ گھڙي تائين ان رشتي کي نڀائيندي، ساڳي ئي توقع مرد کان به ڪئي وڃي ٿي . پر مرد رشتو نه ٿو نڀائڻ چاھي ته ھن مٿان زور نه آھي ، خرچ پکو ڏئي، ٻه ڇا چار شاديون ڪري سگھي ٿو ، ان سان گڏ لاتعداد شاديءَ کان بغير وارا  رشتا  به رکي سگھي ٿو.پر عورت لاءِ اخلاقيات جا معيار  مختلف آھن ، ھن کان سماج اھا توقع رکي ٿو ته ھوءَ نه رڳو ھر قسم جو ذھني ۽ جسماني تشدد برداشت ڪري  پر مرد جي ٻي شادي جي باوجود ھن سان سچي رھندي مرڻ گھڙيءَ تائين وفا جو پتلو ھجي. کڻي مرد سندس ڪابه پر گھور نه لھندو ھجي ، کڻي سندس ڪابه جسماني توڙي ذھني ، سماجي ضرورت پوري نه ڪندو ھجي پر اھو سندس نصيب آھي. جيڪڏھن عورت ان ظلم کي سھڻ کان انڪاري ٿئي ٿي ته کيس سماج ۾ ڪٿي رھڻ جي جاءِ نه ٿي ملي ، نه مائٽ کيس واپس رکڻ لاءِ  تيار ٿين ٿا نه ئي سماج کيس اڪيلو جيئڻ ڏئي ٿو . اھو ئي سبب آھي جو ھوءَ سڄي  زندگي ان تشدد کي برداشت ڪرڻ جي عادي ٿي پوي ٿي نه رڳو ايترو پر غير محسوس طريقي سان ھوءَ پاڻ به پنھنجي  ھم جنس ڏانھن ساڳيا ئي رويا رکڻ شروع ڪري ٿي. ڪامياب عورت ان کي سمجھيو وڃي ٿو جيڪا  صبر سان تشدد سھي، ھر قسم جي ظلم کي قسمت ۽ پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي کي مذھب جي آڙ ۾ جائز سمجھي. مروج روايتن سان سمجھوتو ڪري ھڪ ڪوڙي زندگي گذاري ۽ سماج ۾ ٻٽي معيار جي چڪي ۾ پسجندي رھي. جڏھن ته جيڪا عورت بغاوت ته ڇڏيو پر پنھنجي  حقن جي ڳالھه ڪري ته  سڀ عورتون کيس  وڪوڙي وڃن ٿيون .پنھنجا  مثال ڏئي کيس صبر جي تلقين سان گڏ اھو به سمجھائن ٿيون ته عورت وٽ ان کانسواءِ ٻيو رستو ڪونه آھي .

طلاقيل عورت کي سماج ۾ ڪو به مقام نه آھي جيڪڏھن نڪاح کي مذھبي ڌريون ضروري سمجھن ٿيون ته طلاق به ته ساڳي مذھب ۾ جائز آھي ته ان خلاف ايتري واويلا ڇو آھي . جڏھن ته  حڪومت ۽ سماج به چاھي ٿو ته عورت اھڙي رشتي ۾ رھي تنھن ڪري ڪنھن قسم جو مددي نظام نه جڙي سگھيو آھي. جيئن عورت کي اھڙي رشتي مان نڪرڻ جي ڪابه وٿي نه ملي .  جيڪڏھن ڪا عام گھريلو عورت، تشدد کان ڀڄي نڪري به ته  ڪاڏي وڃي؟سواءِ  مائٽن جي ھن وٽ ڪوبه واپسي جو در نه آھي . مائٽ وري ان ئي سماجي نظام جي پيداوار آھن جيڪي واپس کيس موڪليندا رھندا آھن ، عورتون آخر مائٽن ڏانھن ڏسڻ ڇڏي ڏينديون آھن . جڏھن سندن اولاد وڏو ٿيندو آھي ته کين ٿورو بچاءُ محسوس ٿيندو آھي ، ڪيتريون وري تاحيات بيعزتيون برداشت ڪنديون رھنديون آھن. جيڪڏھن ڪجهھ ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ته  ڪو عثمان مرزا پيدا ٿيندو جيڪو کين ان گھر ڏانھن واپس وڃڻ تي مجبور ڪندو جيڪو ھن لاءِ  جھنم بڻيل آھي. اھو ئي سبب آھي جو نوي سيڪڙو عورتون شادي شده زندگي ۾ ذھني ۽  جسماني تشدد جو شڪار ٿين ٿيون ۽  اسي سيڪڙو اقرار ڪن ٿيون ته ھو زندگيءَ ۾ جسماني تشدد جو شڪار ٿين ٿيون .

اھڙا واقعا رڳو تڏھن رپورٽ ٿين ٿا جڏھن تشدد جي ڪري موت ٿي وڃي ٿو. اڪثر واقعا مائٽ ، عورت پاڻ به درگذر ڪري ٿي. مٿان وري سماج سمجھي ٿو انھن واقعن کي ٿاڻي ۾ رپورٽ ڪرائڻ سان گھرن جو تقدس پائمال ٿيندو . ان گھر جو ڪھڙو تقدس جتي عورت تي تشدد ٿيندو ھجي. پر سماج ۾ ٻن قسمن جي تشدد کي مڪمل ڇوٽ ۽ مڃتا مليل آھي، ھڪ رياستي تشدد جيڪو ماڻھن کي مرڻينگ ڪري ڇڏي پر ڪير سوال نه ڪندو . ٻيو گھرن اندر ٿيندڙ تشدد ھر ڪو ان کي خانگي معاملو سمجھندو آھي .گھريلو تشدد پرائيويٽ آھي خانگي آھي ، رياست جيڪا شھري جي جان مال جي تحفظ جي گارنٽي ڏئي ٿي ، اھا عورت جي جان مال جي تحفظ کان انڪاري آھي .

گھرو تشدد جو بل اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي موڪليو ويو،اھو ڄاڻڻ لاءِ  ته ڇا رياست گھرن جي اندر وارن واسطن کي ريگيوليٽ ڪري سگھي ٿي، ڇا  ان سان چارديواري جو تقدس پائمال نه ٿيندو.  جيڪڏھن تشدد روڪڻ واري عمل سان گھرن ۽ ماڻھن جي وچ ۾ رابطن تي نظر ثاني سان گھرن جو تقدس پائمال ٿئي ٿو ته پوءِ گھرن اندر ماڻھو ڪيئن به رھن ، بنا نڪاح يا يورپ وانگر ڪنھن لانگ رليشن ۾ ان جي اجازت ھوندي ڇا انھن کي نظرثاني سان گھرن جو تقدس پائمال نه ٿيندو ؟ مطلب ته رياست شھرين جي جنسي زندگي جي به پنھنجي مرضي سان ھلائڻ چاھي ٿي ته ڪنھن سان کين جنسي لاڳاپا رکڻ گھرجن پر ھڪ شھري جي زندگيءَ جي تحفظ کان لاچار آھي. ھن ملڪ ۾ ڪير جبري زنا ڪندو ته رياست خاموش ھوندي، ڪير تشدد ڪندو ته به خاموش باقي ڪير پنھنجي  مرضي سان زندگي گذارڻ چاھي ته رياستي گهوٽالو پيدا ٿي پوي ٿو. ملڪ ۾ عورتن کي دشمن جي فوج ڪري پيش ڪيو ويو آھي ان جي ڪري ھاڻي پڙھيل لکيل ، اعليٰ تعليم يافته مرد به عورتن تي تشدد ، جبري زنا ،جنسي ڏاڍائي ، ھراسمينٽ جھڙن عملن ۾ شريڪ رھي ٿو.  اھو ئي سبب آھي جو شھرن توڙي ڳوٺن ۾ عورتن لاءِ  ڌرتي تنگ ٿيندي پئي وڃي ، پڙھيل لکيل پروفيشنل عورتون به ساڳي ماحول کي منھن ڏئي رھيون آھن. گھٽيون ، گھر ، بازارون ، روڊ ، تعليمي درسگاھون ھر ھنڌ عورت نشاني تي آھي. جيڪي عورتون ھمت ڪري روايتون ٽوڙي نڪرن ٿيون ته ھي معاشرو انھن کي به پنھنجي  بندوق جي نوڪ تي رکي ٿو.

سماج کي ان قسم جي زھريلي پدرشاھي سوچ خلاف آواز بلند ڪرڻ سان گڏ پنھنجي  نياڻين جي تحفظ لاءِ  پاڻ آڏو اچڻو پوندو کين جھنم جھڙن رشتن جي نڀائڻ بجاءِ انھن مان نڪرڻ تي ھمٿائڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.