قاضي احمد واسي اغوا ٿيل نوجوان 39 ڏينهن بعد بازياب Q

قاضي احمد (رپورٽ:  مومن جوڻو ) قاضي احمد واسي نوجوان راشد سيال ناپر ڪوٽ پوليس ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ آپريشن بعد ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي، پوليس جي  اھڙي اطلاع بعد مغوي جي امڙ ۽  والد محمد الياس سيال شڪارپور جي علائقي ناپر ڪوٽ پھتا، جتي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرايل راشد سيال کي وارثن حوالي ڪيو ويو،39 ڏينهن بعد پٽ جي ڌاڙيلن وٽان بازيابي کانپوءِ  شڪارپور جي ناپر ڪوٽ پوليس ٿاڻي تي پھتل امڙ جا پٽ کي اکين اڳيان ڏسي جذباتي منظر، ماءُ نوجوان کي چمندي رھي، پٽ جي بازيابي تي ماءُ ناپر ڪوٽ پوليس، ميڊيا جا ٿورا مڃيا، جن جي جدوجهد کان پوءِ بنا ڪنهن ڀنگ ڀرڻ جي راشد سيال جي بازيابي عمل ۾ آئي آھي، ان حوالي سان ناپر ڪوٽ جي ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي شڪار پور تنوير حسين تنيو جي خاص ھدايتن تي پوليس پاران ڪارروائي بعد مغوي کي بازياب ڪرايو آھي، واضح رهي ته راشد سيال جي اغوا واري واقعي تي قاضي احمد جي سياسي، سماجي ڌرين روڊن تي اچي احتجاج پڻ ڪيو هو، 39 ڏھاڙا اڳ  عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل راشد سيال کي شڪارپور ,گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾مختلف  ھنڌن تي رکيو ويو ھو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.