پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڪيس۾ نادرا آفيسرن جو رمانڊ

ڪراچي ( رپورٽر) مقامي عدالت ۾ سنڌ ۾ پرڏيهين کي غيرقانوني ۽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار نادرا آفيسرز عدالت اڳيان پيش ٿيا، عدالت نادرا آفيسرن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيوآهي، جوابدارن ۾ اشفاق خان، خيال خان، محمد رسول، اختر محمد، محمد ابراهيم، عبدالوهاب ۽ افروز علي شامل آھن،  ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار نادرا آفيسرن  رشوت وٺي ايرانين، برمين، بنگالين ۽ افغانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا، ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سيل ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.