ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ پارڪنگ چارجز نه وٺڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنٽونمينٽ جي علائقن ۾ انتظاميا کي پارڪنگ چارجز وٺڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ حڪم تائين ڪنهن به ڪنٽونمينٽ علائقي ۾ پارڪنگ فيس نه ورتي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي آگسٽ جي پهرئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب گهري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.