لاڙڪاڻي رحمت پور ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، شاگرد آزاد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڪالهه ٿرڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسريٽ وقار احمد جوڻيجو شهر جي رحمت پور ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو هڻي شهر جي ڀينس ڪالوني واسي انٽر جي شاگرد اظهار مهدي پٽ ذوالفقار مگسي کي لاڪپ مان آزاد ڪرائي ايس ايڇ او رحمت پور کي اڄ رڪارڊ سميت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان درخواست گذار ذوالفقار مگسي ٻڌايو ته مون پنهنجي پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ 491 جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ايس ايڇ او رحمت پور منهنجي پٽ اظهار مهدي کي بيگناهه گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو اهڙي درخواست تي سيشن جج ٿرڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو جنهن رحمت پور ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو هڻي پٽ کي آزاد ڪرايو آهي. هن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او رحمت پور بااثر پوليس اهلڪار اعجاز تونيو، امتياز ڪلهوڙو ۽ سڪندر ڪلهوڙو جي چرچ تي منهنجي پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري سندس آزاديءَ لاءِ 50 هزار روپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تي پٽ مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون. هن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او رحمت پور ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.