احمدپور لڳ ڪارنهن جو جرڳو، 8 لک ڏنڊ، ڳوٺ نيڪالي

پيرجوڳوٺ (ن ع آ)احمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بچل گهلو ۾ ڪارنهن جو جرڳو برادري جي چڱن مڙسن علي گل پنهيار ۽ٻين جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو آھي جنهن ۾ نوجوان ذاڪر حسين گهلو مٿان نوجوان ناري ماريه ڌيءَ گل محمد گهلو سان  ڪارنهن جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مٿس 8 لک رپيه ڏنڊ وڌو ويو آھي ۽ نوجوان کي ڳوٺ مان 2 سال نيڪالي ڏيڻ جي پڻ فتوا جاري ڪئي وئي آھي چڱن مڙسن ڏنڊ هيٺ آيل نوجوان تي واضع ڪيو ويو آھي ته جيڪڏهن 8 لک رپيه ڏنڊ نه ڏيندو ته هو پنهنجي هڪ جريب زرعي زمين فريادي ڌر کي ڏيندو، اهڙي فتوا ٻنھي ڌرين کي ٻڌائي کير کنڊ ڪيو ويو آھي، جنهن بعد ڌرين فيصلي کي دل سان قبول ڪري ڀاڪر پاتا، ٻئي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته احمدپور ٿاڻي جي پوليس ڪارنهن جي ڏنڊ هيٺ آيل نوجوان ۽ ناري جي وارثن کان جرڳي ڪرڻ عيوض هڪ لک رپيه رشوت وٺي معاملي کي لئي مٽي ڪيو آھي جيڪا عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.