شڪايت بنا تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ نئين روايت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شڪايت بنا سڄي تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ هڪ نئين روايت آهي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2018 ۾ ڪيترين ئي سيٽن تي ڪاميابي جي شرح 5 سيڪڙو هجڻ باوجود ٻيهر ڳڻپ جو موقعو نه ڏنو ويو.

هن چيو ته پ پ ان نئين روايت جي آجيان ڪري ٿي، نئين روايت سامهون اچڻ کانپوءِ اسان 2018 جي انهن تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ تي غور ڪنداسين، جتي ڪاميابي جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.