”نااهل حڪومت جي معاهدن سبب مزدور حقن کان محروم آهن“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ وفاقي حڪومت ۾ معاهدي سبب مزدورن حقن کان محروم آهن.

اهڙُن خيالن جو اظهار هن وزيراعلي هائوس ۾ بينظير مزدور ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ معاهدي ملڪي صنعتي ترقي کي گهڻو متاثر ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري پورهيت حقن کان محروم آهن، مزدور اڄ تاريخي مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، نااهل حڪومت جا جيڪي معاهدا آهن، اهي عوام ۽ مزدورن جي فائدي جا ناهن.

سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان مزدورن کي سهولتون ناهن ملنديون، مشرف دور ۾ ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا، پ پ حڪومت بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪري پورهيتن جو ڏينهن ملهايو آهي، جنهن سان پورهيتن کي تعليم، صحت، شادي سميت ٻيون سهولتون ملنديون، جنهن ۾ وڏي سهولت ته پينشن شامل آهي.

پ پ چيئرمين موجب شهيد ڀٽي جون پورهيت دوست پاليسيون جاري رهنديون، مزدورن جي حقن جي تحريڪ ۾ پ پ جو اهم ڪردار رهيو آهي، مزدورن جي حقن کي پ پ تحفظ ڏنو، پ پ سڀ کان اڳ مزدورن جي ڳالهه ڪندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.