ڪراچي: ڊيليوري بوائي رهائشي عمارت جي لفٽ جي هيٺان دٻجي فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪلفٽن جي رهائشي اپارٽمنٽ ۾ ڊيليوري بوائي لفٽ هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب فوڊ ڊيليوري بوائي لفٽ جو بٽڻ دٻايو ته دروازو کلي ويو پر لفٽ نه آئي ۽ ڊيليوري بوائي لفٽ جي کانچي ۾ ڪري پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊيليوري بوائي جي ڪِرڻ جي ڪنهن کي خبر نه پئي، ڳولا ڪرڻ تي لفٽ جي کانچي مان هن جو لاش مليو، ڊيليوري فوائي لفٽ جي کانچي ۾ منجهند جو ڪِريو جڏهن ته لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ ڪڍيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.