تحفظ ڏيڻ ۽ قاتلن کي پڪڙڻ وارو مطالبو بليڪ ميلنگ آهي؟ نفيسه شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفسه شاهه چيو آهي ته وزير اعظم هزاره ڪميونٽي بابت بليڪ ميلنگ وارو انتهائي غير ذميواراڻو ۽ مذمت جوڳو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ نفيسه شاهه چيو ته متاثر خاندان پنهنجي پيارن جي قاتلن جو پتو لڳائڻ ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي، ڇا اِها بليڪ ميلنگ آهي؟

هن چيو ته مچ واقعي جي متاثر خاندانن جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران بليڪ ميلنگ جو الزام هڻڻ شرم جوڳو آهي.

نفيسه شاهه چيو ته وزير اعظم جو بيان هزاره ڪميونٽي جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، عمران خان متاثر خاندانن بابت ڏنل بيان فوري طور واپس وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.