ميرپورخاص ۾ مني لانڊرنگ، 9 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڪروڙين روپين جي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيل جوابدار هريش ڪمار ڪڙيلا، سندس مئنيجر چيتن ڪمار ڀيل، ڪاروبار ۾ ڀائيوارن مقاءُ محمد، محمد سليم، محمد خان، عبدالقيوم، محمد عامر، عبدالجبار، عمران مجيد، مڪيش ڪمار مالهي، عبدالصمد سميت 9 جوابدارن تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي جوابدار تي فرد جرم عائد ڪئي ويئي جڏهن ته جوابدارن ڏوھ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد ڪيس جي پيشي 21 جنوري 2021 تائين ملتوي ڪئي ويئي آهي.

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪوڙ چيڪ ڏيندڙ کي 2 سال قيد جي سزا

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد ۽ 40 هزار جرماني جي سزا ٻڌائي ڇڏي،ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ خالد حسين جتوئي جي عدالت جوابدار محمد مزمل جٽ تي هڪ ڪروڙ 11 لک 80 هزار جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار کي 3 سال قيد ۽ 40 هزار جرماني جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ياد رهي ته جوابدار پاران واپاري گرڏنو داس کي هڪ ڪروڙ 11 لک 80 هزار جو ڪوڙو چيڪ ڏنو هو،هوڏانهن جوابدار کي سزا اچڻ بعد پوليس جوابدار کي هٿڪڙيون هڻڻ بجاءِ ٽوال سان ٻڌي جوڊيشل لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو.

ڊگهڙي ڀرسان موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري نوجوان زخمي

ڊگهڙي(ن ع آ)ڊگهڙي ڀرسان امن آباد ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ علي رضا ولد علي غلام جروار سخت زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو،

مهراڻ هاءِ وي جمالي اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل جو روڊ تي بيٺل همراهه کي ٽڪر،ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

دريا خان مري( ن ع آ ) مھراڻ ھاءِ وي تي سپر جمالي اسٽاپ وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل سوار پاران روڊ تي بيٺل نوجوان غلام مھدي  روھي کي زوردار ٽڪر ھڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان کي بيھوشي واري حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي آندو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم سي اسپتال نوابشاھ منتقل ڪيو ويو  زخمي ٿيل نوجوان ٻانڌي لڳ ڳوٺ غلام حيدر بروھي جو رھواسي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.