واهي پانڌي ۾ ڪپر تي پاڻي ڪرڻ تان بااثر جو پورهيت تي تشدد، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

واهي پانڌي(ن ع آ)واهي پانڌي شھر ۾ ڏھاڙي تي هوٽلن جو پاڻي ڀري ٻچن جو پيٽ گذت ڪندڙ پورهيت عزيز کوکر مٿان پسٽل جا بٽ هڻي مٿس تشدد ڪيو ، نوجوان تي تشدد خلاف شھر جي مزدورن ۽ شھرين  ڪامريڊ ظفر رستماڻي، پورهيت عزيز کوکر، ديدار رستماڻي جي اڳواڻي ۾ شھر ۾ احتجاج ڪندي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو .ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته شھر ۾سرعام هٿيار کڻي گهمندڙ اوباش نوجوان ڪاشف جمالي پاڻي ڀريندڙ عزيز کوکر مٿان پاڻي جا ڪجھه ڦڙا ڪپڙن تي پوڻ سبب پسٽل جا بٽ ھڻي سخت تشدد ڪيو جيڪو هڪ ڪريل عمل آھي، هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته بااثر کي گرفتار ڪري پورهيت سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.