ترائي: گرلس اسڪول جي اسٽاف روم جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، عملو محفوظ

ترائي ۾ گرلس مڊل اسڪول جي اسٽاف روم جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا پر ڪمري ۾ عملو موجود نه هجڻ ڪري ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

اسڪول جي هيڊ ماستر غلام مصطفي ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته آفيس ٽائيم دوران اسٽاف روم جي ڇت جا چاپڙ زوردار ڌماڪي سان ڪري پيا آهن جڏهن ته گرلس مڊل اسڪول جي بلڊلنگ جي حالت پڻ خطرناڪ آھي هن چيو ته ستين ڪلاس جي ڇت جي حالت خراب آهي جيڪا ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي، ياد رهي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ھاءِ اسڪول ترائي جي تباھ ٿيل بلڊنگ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي هئي جنهن بعد سيشن جج بدين ۽ ڊي سي بدين ايجوڪيشن ورڪس ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن سان گڏ اسڪول وزٽ ڪري رپورٽ چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي موڪلي هئي …

رپورٽ- اعجاز امر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.