مدئجي جي اسپتال تي جج جو ڇاپو، عملي ۾ ٿرٿلو

مدئجي(ن ع آ ) تعلقي اسپتال مدئجي تي سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ پاران اوچتو ڇاپو هنيو جنهن دوران اسپتال  انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو،ڇاپي دوران سيشن جج پاران اسپتال جي مختلف وارڊن جو معائنو ڪرڻ بعد اسپتال جي رڪارڊ بابت انسپيڪشن ڪندي اسپتال جي فنڊ توڙِي دوائن بابت معلومات ورتي جنهن دوران سيشن جج اسپتال جي ايم ڊاڪٽر عبدالله ڇنا کان تفصيل معلوم ڪيا هن ايم کي اسپتال جي ايڪسري پلانٽ خراب هجڻ توڙِي اسپتال جي رهائشي ڪالوني جي ڪوارٽرن تي غيرواسطيدار ماڻهن جا قبضآ هجڻ تي ڇند پٽيندي فوري طور قبضا هٽرائڻ ۽ ايڪسري مشين چالو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.هوڏانهن سيشن جج اسپتال جي عمارت اندر لڳل مختلف پينا فليڪس هلرائي ڇڏيا،جڏهن ته سيشن جج جي ڇاپي جو ٻڌي ملازم پاڻمرادو اسپتال پهتا جڏهن ته وڏي انگ ۾ شهري پڻ اسپتال پهتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.