داد لغاري ويجهو پورهيت جون 10 ٻڪريون چور ڪاهي ويا

داد لغاري (رپورٽ امجد لغاري)داد لغاري ويجهو ڳوٺ غلام حسين لغاري ۾ گذريل رات چورن ڪاه ڪري ڏني جڏهن ته ڳوٺاڻي محمد  علي لغاري جي گهر کي کاٽ هڻي ڀلوڙ نسل جو پاليل لکين روپين جي ماليت جون 10 ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته کڙڪ پوڻ تي بروقت داد لغاري پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس پنهجي دير پهچڻ واري روايت کي برقرار رکندي واقعي واري هنڌ 3 ڪلاڪ دير سان پهتي ڳوٺاڻن پنهجي مدد پاڻ چورن جو پيڇو ڪيو پر چور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هوڏانهن ڳوٺاڻي محمد علي ٻڌايو ته داد لغاري ٿاڻي جي حد اندر بدامني سبب اسين را جو سمهي به نه ٿا سگهون هن چيو ته گذريل  5 کان مٿي هٿياربندن ڪاهه ڪري منهجي گهر کي کاٽ هڻي منهجو پاليل ڀلوڙ نسل جو ڏهه ٻڪريون ڪاهي فرار ٿي ويا آهن.  هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي داد لغاري پوليس ٻڌايو ته چورن جو پتو لڳائڻ لاءِ پيراڊو گهرايو هيو جيڪو پيرا ڀيٽ بعد چورن جو پتو لڳندو ۽ چورن جي جاچ به ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.