ٿر ۾ ڏياري جي موقعي تي مذهبي رواداري جا عظيم مثال

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر ۾ ڏياري جا رنگ نروار،آيشبازي،مذهبي رواداري جا عظيم مثال،هندو ۽ مسلم تهوار تي هڪٻئي سان ڀاڪرين  ڀرجي ويا،هر طرف خوشيون،ڏيئا روشن،خبرموجب:سنڌ جي پُٺتي پيل خطي ٿرپارڪر ۾ هندن جي مذهبي تهوار ڏياري تي امن پيار ۽ مذهبي ڀائيچاري جا سمورا رنڱ کُلي نروار ٿي ويا،اُنهي سلسلي ۾ مٺي،اسلام ڪوٽ سميت ٻين شهرن ۾ ديوالي جي موقعي تي هر طرف آتشبازي ڪئي ويئي،جنهن سبب آسمان روشن ٿي پيو مٺي شهر ۾ پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله قافلي جي صورت ۾ نڪري دڪان دڪان وڃي هندو برادري جي واپارين کي ديوالي جون مبارڪون ڏنيون،اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪلب جي صحافين صدر عبدالغني بجير،عوامي آواز جي بيوروچيف غازي بجير،مبارڪ بجير،اسماعيل بجير،وڪيل منور ساگر،شاهنواز خاصخيلي ۽  ٻين سابق ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،گهنشام داس پارواڻي،واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي،ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي سان گڏجي قافلي جي صورت ۾ دڪانن تي وڃي واپارين کي مبارڪون ڏنيون،هندو برادري جي دوستن پاران مسلمان نوجوانن جون الڳ الڳ دعوتون ڪري مٺايون تقسيم ڪيون ويون،ٿر پارڪر ضلعي ۾ مذهبي رواداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو،اڄ اسلام ڪوٽ ۾ هندو برادري پاران هندو ۽ مسلمانن جي ملن پارٽي جو پروگرام پڻ رکيو ويو آهي،ٻئي پاسي سمورن شهرن ۾ ڏيئاري ٻاري گهرن،مندرن کي روشن ڪيوويو،اسلام ڪوٽ ۽ مٺي شهر کي آتشبازي ذريعي روشن ڪيو ويو،مٺي جي گڊي ڀٽ تي آتشبازي ڪئي ويئي،جتان شهر جو منظر ڏسڻ وٽان هو،رات ڌير سان سمورن شهرن ۾ ڦٽاڪن ۽ بارود سان ڌماڪا ڪري خوشين جو اظهار ڪيو ويو،مندرن ۾ پوڄا پاٽ ڪري ملڪ جي خوشحالي لاءِ پراٿنائون ڪيون ويون، ،سابق چيئرمين ڪمليش ڪمار،سابق ناظم گهنشام داس پارواڻي،واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي،سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي عوامي آواز کي ٻُڌايو ته ٿر مذهبي رواداري جو هڪ مثال آهي،جتي هميشه اسين هندو مسلم ڀائر گڏجي عيدون ملهائيندا آهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.