دهشتگرد واقعا، سنڌ پوليس کي الرٽ رهڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور ڌماڪي کانپوءِ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر صوبي ۾ پوليس کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته صوبائي سطح تي سيڪيورٽي جا سمورن انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.

هن هدايت ڪئي آهي ته پوليس پيٽرولنگ، پڪٽنگ ۽ رينڊم سنيپ چيڪنگ جي عمل کي اثرائتو ۽ ڪامياب بڻايو وڃي.

آءِ جي سنڌ پوليس طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز علائقن ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بڻائن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين اهم هنڌن تي سيڪيورٽي انتظام غير معمولي بڻايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.