سامونڊي ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن: ياسمين شاھه

ٺٽو(ڊ ر)پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ڪوآرڊينيٽر ۽ سامونڊي ٻيٽ بچايو تحريڪ جي عورت اڳواڻ محترمه ياسمين شاھ مڪلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ سنڌ ۽ بلوچستان جا سامونڊي ٻيٽ صوبن جي ملڪيت ھجڻ سان گڏ ماھيگيرن جي روزگار جو اھم ذريعو ھجڻ سميت سامونڊي ٻيٽ اسانجو قومي ورثو پڻ آھن، جن تي وفاق پاران جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس غير آئيني آهي، جنھن تي وفاق قبضو ڪرڻ چاھي ٿو،  جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ھن چيو تہ سامونڊي ٻيٽن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ لاء 29 آڪٽوبر تي ٺٽي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم، ٻيٽ بچايو تحريڪ ۽ نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو پيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.