ڪرمپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا رتو رت

ڪرمپور( ن ع آ ) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ مهرو ماڙي ۾ باگڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ ڏھ ڄڻا  زخمي ٿي پيا ڏيتي ليتي جي معاملي تان ٻنهي ڌرين هڪٻئي کي رتورت ڪري ڇڏيو زخمين کي وارث ڪرمپور اسپتال کڻائي آيا زخمين ۾ جڙيو مل , درشن , صدام, راجو , پرنو مل, امرداس   مجاور, چانڊو لال, مائي گلان ۽ ڪراڙي شامل آهن اسپتال پهچڻ بعد زخمين جا وارثن وچ ۾ ٻيهر جهيڙو ۽ هل هنگامو مچي ويو جنهن کانپوء اسپتال عملي پاران پوليس گهرائي ورتي ڪرمپور پوليس پهچي جهيڙو ٽاري ورتو ۽ ڪرمپور پوليس زخمين جي وارثن کي چيو ته اسان جي حد ناهي ناپرڪوٽ جي حد آهي جنهن کانپوء زخمين کي وارث ناپرڪوٽ ٿاڻي تي کڻائي ويا ناپرڪوٽ پوليس اين سي داخل ڪري زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي خانپور اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

 شادي پلي لڳ ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

شادي پلي ( ن ع آ )  مين ميرپورخاص عمرڪوٽ تي اسماعيل رند بس اسٽاپ وٽ ڪراچي کان ايندڙ اي سي ڪوچ ۽  موٽر  سائيڪل جو آمھون سامھون  زوردار  ٽڪر ـ جنھن جي  نتيجي ۾ ڳوٺ سومار دل جا رھواسي لکو پٽ رامچند ڪولھي ,سندس زال نوي ۽ ھڪ معصوم پٽ امولک سخت زخمي ٿي پيا سمورن زخمين تعلقا اسپتال پٿورو آندو ويو جتي سندن علاج ھلندڙ آھي ـ جڏھن تـ  خبر موڪلڻ تائين حادثي جو ڪو بـ ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھوـ

ٽنڊي آدم واسي جهونو جيالو ٽن مهينن کان بيماري جي بستري تي پيل، پ پ اڳواڻ طرفان عيادت، خاطري

ٽنڊوآدم (ت ر)ٽنڊي آدم ۾ پ پ جو جهوني جيالو عبدالمجيد مڪراڻي ٽن مهينن کان ڪرنگهي جي هڏي ۾ فريڪچر ۽  ٽنگ ٽٽڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي ۽ غربت سبب اعلاج ڪرائڻ کان به قاصر آهي اعلاج نه ٿيڻ ڪري سندس حالت ۾ ڪو به سڌارو ناهي آيو، ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد پ پ سٽي ٽنڊوآدم جو صدر ۽ نامياري محقق ۽ پ پ اڳواڻ مرحوم عبدالله ورياھ جو فرزند تاج محمد ورياھ صحافين وفا رضا ۽ وارث قمبراڻيءَ سان گڏجي عبدالمجيد مڪراڻي جي گهر پهتو سندس عيادت ڪئي ۽ صحت بابت ڄاڻ ورتي. ان دوران عبدالمجيد مڪراڻي ڏوراپا ڏيندي روئي ويٺو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ تاج محمد ورياھ بيمار ڪارڪن جي مالي مدد ڪئي ۽ سندس علاج ڪرائڻ جي پڻ خاطري ڪرائي.

”قاتل پڪڙيو“ ٺل ۾ مقتولن جي وارث سراپا احتجاج

ٺل (ن ع آ )ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ ست سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل  پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا سراپا احتجاج بڻيل آهي،ڪالهه پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا پنهنجي پٽ جي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،ان موقعي تي پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا چيو ته رب پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،ڪورٽن مان مون کي انصاف نه مليو پر الله پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،منهنجي پٽ جي خون ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي به پنهنجي سزا ملندي، ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي،ڪالهه 463هين ڏينهن به جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي محمد يوسف کوسو ۾ 58 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي محمد ابراهيم ٽالپر کي مبينا قتل ڪرڻ لاش اڇلائڻ جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽالپر برادري پاران 18هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهرين پاران جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن نذير احمد، شبير احمد،حافظ بشير احمد،رفيق احمد،عبدالرئوف ٽالپر ۽ ٻين چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ محمد ابراهيم ٽالپر جو ڳوٺ حاجي محمد يوسف کوسو مان لاش برآمد ٿيو،هن وقت تائين پوليس پاران ڪابه قانوني ڪاروائي ناهي ڪئي وئي، هنن انصاف جي گهر ڪئي.

ڪي اين شاهه ۾ ميونسپل جي برطرف ملازمن جو بحالي لاءِ ڌرڻو

خيرپورناٿن شاهه (ت ر)خيرپورناٿن شاھه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن جو بحالي لاءِ ڪالهه 16 ڏينهن به زاهد حسين  ڀٽي، منير آرائين، عباس چانڊيو ۽ صادق کوسو جي اڳواڻي ۾ مير حسن چوڪ مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي برطرف ٿيل ملازمن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان کي 2013 ۾ بنا شوڪاز نوٽيس جي صرف زباني حڪم تي اسان کي بنا جواز نوڪرين مان برطرف ڪري پگهارون بند ڪيون ويون اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آھي، مسلسل بيروزگار آھيون اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن.هنن پ پ چيئرمين کي اپيل ڪئي ته نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.