ڪوسٽ گارڊ پاران 330 ملين رپين جي منشيات، ايراني ڊيزل هٿ

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جون اسمگلنگ خلاف مختلف ڪارروايون، کاري ناڪا چيڪ پوسٽ تي مختلف گاڏين جي چيڪنگ دوران 754 ڪلوگرام سوپاريون، 576 اسٽيڪ غيرملڪي سگريٽ، 490 پيڪيٽ انڊين گٽڪو هٿ ڪري ورتو، وندر ويجهو مختلف ڇاپن ۾ غيرقانوني طريقي سان لڪايل هڪ لک 35 هزار ليٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪيو ويو، وندر ۾ چيڪنگ دوران ڀاڄين سان ڀريل مزدا ٽرڪ مان 46 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، سپرهاءِ وي تي چيڪنگ دوران چار مختلف ٽرڪن مان 29686 ڪلوگرام سوپاريون هٿ ڪيون ويون، اسمگل ٿيندڙ منشيات، سوپارين، ايراني ڊيزل،5 مزدا ٽرڪن ۽ 9 جوابدارن کي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، پڪڙيل سامان جي ماليت 330 ملين رپيا آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.